عمران خان فتنو آهي، کيس گرفتار ڪيو ويندو:گهرو وزير /مديني واقعي جو الزام اسان تي لڳائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي:عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ان کان بي وقوفاڻو ڪيس ڇا ٿو ٿي سگهي ته مديني شريف ۾ ڪا حرڪت ٿئي ۽ ايندڙ ڏينهن مهم هلائي وڃي ته اهو سڀ اسان ڪرايو، چئلينج ٿو ڪيان ته اهي عوام ۾ ڪٿي به ويندا انهن سان ائين ئي ٿيندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته آمريڪا تائين ماڻهو انهن جي خلاف نڪتا آهن، انهن کي اندازو ناهي ته عوام ۾ ڪيتري ڪاوڙ آهي، مديني شريف ۾ پيش آيل واقعي تي اسان تي الزام هڻي رهيا آهن، ڪير سوچي به نٿو سگهي ته ائين ڪري، انهن کي پنهنجي چورين تي عوامي ردعمل ملي رهيو آهي.هن چيو ته شيخ رشيد جي ڀائٽي کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ کان وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي پر اهي اهڙي قسم جا ئي ماڻهو آهن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فرح خان بي ڏوهه آهي، ان خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي، ڇو ته هوءَ منهنجي گهرواري جي دوست آهي.عمران خان چيو ته شريف خاندان حڪومت ۾ ايندي ئي پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون، پراسيڪيوٽر کي عدالت وڃڻ کان روڪيو ويو، رڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ ورتو ويو، اها 16 ارب رپين جا رڪارڊ گم ٿي ويندا، جيئن انهن جي دور ۾ ايل ڊي اي جا رڪارڊ سڙي ويا هئا.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ن ليگ ۽ پ پ وارا پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اين آر او ڏيندا، ٻئي ٻه – ٻه ڀيرا اقتدار ۾ رهيا، ٻنهي ڪرپشن ڪئي، 2008 کان 2018 تائين ٻنهي جماعتن جي حڪومت هئي، انهن ٻنهي جماعتن تي ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس آهن، هن چيو ته انهن کي ملڪ جي ڳڻتي ناهي، مهانگائي وڌي رهي آهي، لوڊشيڊنگ سان ماڻهو بي حال آهن، انهن جو اصل مفاد اين آر او ٽو هو، هن چيو ته انهن جي ٽن ڪيسن جا فيصلا ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ پاناما پيپر جو ڪيس شامل هو، جنهن ۾ شريف خاندان کي پهريون ڀيرو ٻڌائڻو پيو ته لنڊن جي مهانگي ترين علائقي مي فيئر ۾ مريم صفدر جي نالي تي چار فليٽ آهن، هن چيو ته ان ڪيس ۾ نوازشريف کي 7 کان 10 سال جي جيل ٿي چڪي آهي، مريم نواز کي 80 لک پائونڊ ڏنڊ ۽ 8 سالن جي سزا مليل آهي، حسن ۽ حسين نواز ن ليگ جي دور ۾ فرار ٿيا، هن چيو ته شهبازشريف پنهنجي نوڪرن جي نالي تي 16 ارب رپاي ورتا پوءِ اهي ملڪ کان ٻاهر موڪيا، انهن حڪومت ۾ ايندي ئي ڊائريڪٽر ۽ جاچ ڪندڙن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو، ان ڪيس جي خاص پراسيڪيوٽر کي عدالت اچڻ کان روڪيو ويو۽ رڪارڊ به پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي، اسان کي خطرو آهي ته اهو رڪارڊ غائب ٿي ويو آهي، هن چيو ته انهن مٿان نيب جا چار ڪيس آهن، 7 ارب 30 ڪروڙ جا انهن تي مني لانڊرنگ ڪيس آهن، والد شهبازشريف ضمانت آهي پٽ حمزا شهباز ضمانت تي آهي، ٽيون سليمان شهباز ٻاهر فرار ٿيل آهي ۽ واپس اچڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، هن چيو ته شگر اسڪينڊل ۾ جڏهن انڪوائري کولي وئي ته ان ۾ 9 ارب رپين جي شهبازشريف خلاف انڪوائري التوا ۾ آهي، انهن منهنجي توشا خانه ڪيس ۾ وڏو گوڙ ڪيو، توشا خانه ۾ مون کي هڪ گاڏي ملي، توشا خانه جوقانون آهي ته اها گاڏي توشا خانه مان نٿا ڪڍي سگهو، آصف زرداري بلٽ پروف گاڏيون، ٻه بي ايم ڊبليو ۽ هڪ ٽويوٽا ليڪسز توشاخانه مان ڪڍي ڇڏيون، هن چيو ته عدالتن لاءِ امتحان آهي، انتقامي ڪارروائي شريفن جي ڊي اين اي ۾ آهي، هن چيو ته ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته توهان پنهنجون ذميواريون نڀايو،

لاهور (م ڊ) توهين مسجد نبوي صه جي الزام ۾ عمران خان، شيخ رشيد، فواد چوڌري، شهباز گل، قاسم سوري سميت پي ٽي آءِ جي 150 ماڻهن تي فيصل آباد۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،.ڪجهه ڏينهن اڳ مسجد نبوي صه جي اڱڻ ۾ موجود حڪومتي ميمبرن خلاف نعريبازي جو واقعو پيش آيو هو، جنهن تي سعودي عرب انتظاميا ڪجهه پاڪستانين کي گرفتار ڪيو هو.واقعي تي جتي سعودي عرب ۾ ڪارروائي ٿي، اتي پاڪستان ۾ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه ماڻهن جي درخواست تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، اڳوڻي گھرو وزير شيخ رشيد، اڳوڻن وزيرن، مرڪزي اڳواڻن سميت ڊيڍ سئو ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.درخواستگذارن مسجد نبوي صه واقعي جي ذميواري تحريڪ انصاف جي قيادت تي لاڳو ڪئي آهي.ان واقعي کي ڏسندي هڪ ڪيس نيو ائيرپورٽ ٿاڻي اٽڪ ۾ به مقامي شهري جي درخواست تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فيصل آباد پوليس موجب هڪ ڪيس محمد نعيم نالي شهري جي درخواست تي ٿاڻي مدينه ٽائون ۾ داخل ڪيو ويو آهي.درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته هي واقعو رٿابندي کانپوءِ پيش آيو، 150 ماڻهو ان لاءِ هتان کان سعودي عرب ويا، واقعي سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي، هي توهين مذهب جو واقعو آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وڃي.نيو ايئرپورٽ اٽڪ ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 48، تعزيرات پاڪستان جي قلم 295،295 اي ۽ 296 تحت قاضي طارق ايڊووڪيٽ جي بيان تحت داخل ڪئي وئي آهي.ايف آءِ آر ۾ ڪيس جي فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته 28 اپريل تي مسجد نبوي صه ۾ ٿيل دل ڏکوئيندڙ واقعي سان صدمو رسيو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عمران خان، شيخ رشيد، فواد چوڌري، شهباز گل، مراد سعيد، قاسم سوري جي مشاورت، رٿابندي ۽ ڏوهاري سهڪار سان هي سڀ ڪيو ويو.ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته پاڪستان مان شيخ راشد شفيق سان شرپسندن جو ٽولو سعودي عرب ويو، جن اتي ترسيل ماڻهن کي پاڻ سان گڏ ڪيو، ان طرح برطانيا کان ماڻهو صاحبزاده جهانگير عرف چيڪو ۽ انيل مسرت وغيره جي قيادت ۾ سعودي عرب پهتا.درخواستگذار موجب جوابدارن جي قدمن سان جذبا سخت مجروح ٿيا، رويي جي رد عمل ۾ سخت عوامي احتجاج جو خدشو آهي.هڪ سينيئر پوليس آفيسر موجب پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ اڳواڻن خلاف پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ان ڪيس تحت شيخ رشيد جي ڀائٽي راشد شفيق کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مسجد نبوي صه واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خانجي گرفتاري جو واضح اشارو ڏئي ڇڏيو.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڻ سڳورن صه جن جي روضي تي اهڙو عمل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، جيڪو به شهري ڪارروائي لاءِ ايندو، حڪومت رنڊڪ نه بڻجندي.هن چيو ته باقاعدي طور رٿابندي سان ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو، ڪجهه ماڻهو برطانيا مان انيل مسرت ۽ صاحبزادي جهانگير جي سربراهي ۾ سعودي عرب آيا، انهن ماڻهن جيڪو عمل ڪيو، ان تي قطعي معافي نه ڏني ويندي.راڻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف چيئرمين کي فتنو قرار ڏيندي چيو ته بلڪل کيس گرفتار ڪيو ويندو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن چنڊ رات تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ماڻهو عيد جي رات هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن، هي شخص نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي.هن چيو ته سعودي عرب ڪجهه ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.شيخ رشيد بابت سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياست کي مسجد نبوي صه تائين کڻي وڃڻ جو تصور ڪير به نٿو ڪري سگهي، هي چريو انسان اهڙيون حرڪتون ڪندو رهندو آهي، گفتگو ۽ پريس ڪانفرنس ڏسي سگهو ٿا، شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڇا ڪنهن ثبوت جي ضرورت آهي، بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومت ان معاملي ۾ ميرٽ ۽ قانون تي عمل ڪندي، جن ماڻهن تي الزام آهي اهي اچن ۽ پنهنجي وضاحت پيش ڪن، حڪومت ان معاملي ۾ قطعي طور ڪا به مداخلت نه ڪندي، هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن جا جذبات مجروح ٿيا آهن ۽ اهي ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي،ان موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ صوبائي معاملو آهي، مقدس ترين مقام تي پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو آهي، ان سلسلي ۾ جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو ان ۾ توهين رسالت جون شقون شامل ناهن اهو ڪيس 295 ۽ 296 تحت داخل ڪيو ويو، جن تحت مذهبي مقامن تي گوڙ، عبادتن کان روڪڻ ۽ مذهبي جذبات مجروح ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.