عيد جا 3 ڏينهن بجلي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت عيدالفطر جا ٽي ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ پاور ڊويزن  ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کان بجلي طلب ۽ رسد جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پاور ڊويزن طرفان تمام پاور جنريشن ڪمپنين کي گهربل تيل ۽ گئس فراهم ڪرڻ  جي هدايت ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف  توانائي واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف واعدي موجب اڄ کان ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ زيرو ڪري ڇڏي.هڪ بيان ۾ توانائي واري وزارت چيو آهي ته2500 ميگاواٽ کان وڌيڪ اضافي بجلي سسٽم ۾ شامل ڪري ڇڏي.توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته عيد جي موڪلن ۽ ان کان پوءِ  بجلي جي بنا تعطل جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون.ياد رهي ته حڪومت عيد الفطر جا ٽي ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف پهرين مئي کان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير  جو چوڻ هو ته پهرين مئي کان حڪومت  طرفان گئس جي فراهمي متوقع آهي ۽ پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ  جا معاملا حل ٿي ويندا، اينگرو  جو ٿر ۾ پلانٽ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪم شروع ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.