حمزا شهباز جي وڏوزارت تي تلوار ٽنگيل؟

اسلام آباد(م ڊ) قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي وڏوزارت کي خطرو اڃان به برقرار آهي. ڊان جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ پراميد نظر اچي رهيون آهن ته پي ٽي آءِ جي 26 باغي ميمبرن خلاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچڻ بعد حمزا شهباز  وڏوزارت جي عهدي تان فارغ ٿي ويندو، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي وڪيل مبين الدين قاضي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 63 اي تحت پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن کي هٽائڻ جو فيصلو ٻڌائي ٿي ته پوءِ وڏو وزير پنهنجي اڪثريت وڃائي ويهندو، اهڙي صورتحال ۾ گورنر، وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهي ٿو يا وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ اچي سگهي ٿي. ن ليگ جي هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته نئون گورنر اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ نه چوندو ته پي ٽي آءِ  جي قيادت اپوزيشن جي صورت ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري سگهي ٿي.واضح رهي ته وڏي وزير لاءِ 186 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي، حمزا کي 197 ووٽ جي حمايت آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا 26 ميمبر نااهل ٿي وڃن ٿا ته وڏو وزير اڪثريت وڃائي ويهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.