عيد تي هن ڀيري به تڪرار، ڪي پي ۾ اڄ ۽ باقي حصن ۾ سڀاڻي عيد

اسلام آباد / پشاور (م ڊ) ملڪ ۾ هن ڀيري به عيد تڪراري ٿي وئي، ڪي پي ۾ اڄ ۽ باقي ٽن صوبن ۾ سڀاڻي عيد ٿيندي، ان حوالي سان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هاڻ عيدالفطر 3 مئي اڱاري تي ٿيندي، عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به هنڌ چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي وصول ناهي ٿي، ملڪ ۾ اڄ 30هون روزو هوندو ۽ عيدالفطر 3 مئي اڱاري تي ٿيندي، ان کان اڳ پنجاب ۽ سنڌ جي چنڊ ڏسڻي زونل ڪميٽين پڻ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو، واضح رهي ته موسميات کاتي پڻ چيو هو ته ملڪ ۾ اڄ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن، جڏهن ته مفتي شهاب الدين پوپلزئي شوال جو چنڊ نظر اچڻ ۽ اڄ عيد جو اعلان ڪري ڇڏيو، خيبر پختونخواهه صوبي جي تخت گاهه پشاور ۾ مفتي شهاب الدين پوپلزئي جي صدارت هيٺ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، مفتي پوپلزئي اعلان ڪيو ته شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، تنهن ڪري عيد الفطر سومر 2 مئي تي ملهائي ويندي، ان کانپوءِ ڪي پي سرڪار صوبي ۾ اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو، ڪي پي جي وڏي وزير جي خاص معاون بئريسٽر سيف چيو ته خيبرپختون خواهه جي مختلف حصن مان چنڊ نظر اچڻ جون 130 شهادتون مليون آهن، جنهن بعد سرڪاري سطح تي اڄ سومر تي عيد ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته وڏو وزير محمود خان اڄ سومر تي سرڪاري عملدار سان گڏ گورنر هائوس ۾ عيد نماز ادا ڪندو. هن چيو ته ڪي پي ۾ عيد اڄ سرڪاري سطح تي مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي.

افغانستان ۾ عيد ٿي وئي، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ چنڊ نظر نه آيو

اسلام آباد(م ڊ) ايشيائي ملڪن ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ چنڊ نظر نه آيو، جنهن سبب اتي عيد سڀاڻي اڱارو 3 مئي تي ٿيندي،پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ جي ڪنهن به حص ۾ چنڊ نظر نه آيو، اهڙي طرح بنگلاديش ۾ به چنڊ نظر اچڻ جون ڪٿان به شهادتون نه مليون، هوڏانهن افغانستان ۾ ڪالهه عيد ملهائي وئي، جڏهن ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت نار ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي، ملائيشيا، برونائي ۽ ٿائي لينڊ ۾ ڪالهه چنڊ نظر آيو، اتي اڄ سومر تي عيد ملهائي پئي وڃي، عرب ملڪن ۾ 30 روزا مڪمل ٿيڻ تي اڄ عيد ملهائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.