مخدوم احمد پنجاب جو گورنر، حسن مرتضيٰ سينيئر وزير، علي گيلاني ۽ عثمان وزير ٿيندا

اسلام آباد(م ڊ) پ  پ پنجاب جي گورنرشپ ۽ سينيئر منسٽر شپ سميت 3 وزارتون گهري ورتيون آهن، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۾ حڪومت جي جوڙجڪ جي حوالي سان پنهنجو تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن جيڪي جلد اتحادين جي آڏو رکيون وينديون، ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي سينيئر وزير لاءِ پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ جو نالو تجويز ڪيو ويو آحي، جڏهن ته مخدوم عثمان ۽ علي حيدر گيلاني کي ناڻي ۽ زراعت جا قلمدان حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،  ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ مخدوم احمد محمود جو نالو گورنر لاءِ تجويز ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ مواصلات جي وزارت، هڪ صلاحڪاري، هڪ خاص معاون ۽ هڪ پارلياماني سيڪريٽري جو عهدو وٺڻ جي به خواهش ظاهر ڪئي آهي، ان حوالي سان آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جلد ليگي قيادت سان ان معاملي تي حتمي مشاورت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.