ڪچلاڪ ۾ عورت ۽ سندس 4 ٻارڙا ڪهي قتل

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي ڪچلاڪ ۾ هڪ عورت ۽ سندس 4 ٻارن کي تکي اوزار جي مدد سان قتل ڪيو ويو، پوليس عورت ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مقتولن جا ڳلا تکي اوزار جي مدد سان ڪپيا ويا، پوليس ٻڌايو ته قتل ڪيل ٻارن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون شامل آهن، جن جي عمر 5 کان 11 سالن جي وچ ۾ آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين قتل جا ڪارڻ سامهون ناهن اچي سگھيا پر واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايل پي جي سستي، في ڪلو تي 15 رپين جي لاٿ

اسلام آباد (م ڊ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي، جي قيمت ۾ 15 رپيا في ڪلو گھٽتائي ڪري ڇڏي، اوگرا پاران جاري ڪيل گھٽتائي کانپوءِ ايل پي جي، جي في ڪلو قيمت 232 رپيا هوندي، چيئرمين ايل پي جي ايسوسيئيشن عرفان کوکر جو چوڻ آهي ته ان جي فارمولي تي عمل ڪندي ايل پي جي جي هاڻوڪي سرڪاري قيمت ۾ 100 رپيا في ڪلو تائين گھٽتائي ڪري سگھجي ٿي، عرفان کوکر موجب ايل پي جي پروڊيوسر بيس پرائس کي 40 هزار رپيا في ميٽرڪ ٽن تي فڪس ڪيو وڃي، ايل پي جي جي لوڪل پيداوار کي فوري طور وڌايو وڃي ته ان جي قيمت ۾ وڌيڪ گھٽتائي ٿي سگھي.

  • سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 66 ڪيس

اسلام آباد(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 19478 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون. آچر تي اين آءِ ايڇ طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19478 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 66 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي. اهڙي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ٽيسٽن جي شرح 0.34 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ان دوران ڪورونا وائرس سبب ڪا به فوتگي نه ٿي ۽ 119 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.