اسلام آباد ۾ فوج جي حمايت ۾ نعرن وارا بينر لڳي ويا

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ فوج جي حمايت  ۾ لکيل نعرن وارا بينر لڳي ويا، ڊان جي رپورٽ موجبفيض آباد کان فيصل مسجد تائين ايڪسپريس وي ۽ فيصل اوينو، آءِ 9 ۽ سري نگر چوڪ تائين روڊن جي ٻنهي پاسي وڻن ۽ ٿنڀن تي بينر ٽنگيا ويا آهن، جيڪي ڪنهن لڳايا آهن، ان بابت پتو پئجي نه سگهيو آهي، ان حوالي سان پوليس ۽ اسلام آباد انتظاميا اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. قانون موجب اسلام آباد م بينر لڳائڻ يا ٽنگڻ ميونسپل ايڊ منسٽريٽر کان اجازت وٺڻ لازمي آهي، ان کان اڳ راولپنڊي جي بحريا ٽائون فيز 8 ۾ فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف چاڪنگ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.