اسلام آباد(م ڊ) نئين اتحادي حڪومت جو پهريون مهينو مهانگائي جي ستايل عوام تي ڳرو رهيو، اپريل ۾ مهانگائي 27 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، شماريات اداري مهانگائي بابت پنهنجي ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب اپريل ۾ مهانگائي جو شرح وڌي 13.37 سيڪڙو رهي، جيڪا جنوري 2020 کانپوءِ بلند ترين سطح تي آهي. اپريل ۾ مهانگائي ۾ 1.61 سيڪڙو واڌ رهي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 1.63 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ 1.6 سيڪڙو رهي.2 ڏينهن اڳ ناڻي واري وزارت ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري، مالياتي خساري ۽ اقتصادي ترقي جي امڪانن جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان ڳالهين بعد واپس وطن پهچي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 21 رپين تائين واڌ جو اشارو ڏئي چڪو آهي.