اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 7 مرڪز ۾ پي ٽي آءِ ۽ پ پ جي حامين ۾ افطار کان اڳ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي کي ڪرسيون اڇلائي هنيون ويون، پوليس موجب جهيڙو گرائونڊ ۾ ڪرسيون لڳائڻ تان پيش آيو، پوليس ٻنهي ڌرين کي ٿاڻي تي گهرائي قانوني ڪارروائي ڪئي.