ڀارت رضاڪاراڻي طور روس سان لاڳاپا ختم ڪري: آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت پابندين کان بغير رضامندي سان روس سان لاڳاپا ختم ڪري، ڪانگريس جي ڪيترين ئي ٻڌڻين ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي بيانن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي، هن تجويز پيش ڪئي ته ماسڪو کان تيل ۽ هٿيار خريدڻ تي ڀارت تي پابنديون نٿيون مڙهي سگهجن، ڀارت کي رضاڪاراڻي طور تي روس سان عليحدگي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي، هن آمريڪي قانون سازن کي وسيع منظرنامو ڏسڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته روس سان ڀارت جي لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪا پراڻا آهن، هن چيو ته آمريڪا جا ڪجهه ملڪن سان لاڳاپا آهن جيڪي روس جي رعايتي جنسن جي برآمد مان فائدو کڻي رهيا آهن، آمريڪا جو اهڙن ملڪن تي انفرادي پابنديون لڳائڻ مناسب ناهي ٻئي پاسي ڊيموڪريٽڪ سينيٽرن ان حوالي سان مطالبو ڪيو آهي ته روس سان ڪاروبار جاري رکڻ کان روڪڻ لاءِ ڀارت تي وڌيڪ دٻاءُ وڌو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.