اسلام آباد(م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق سڀني ڊويزنل سپريڊنٽس کي هدايت ڪئي آهي ته عيد جي ڏينهن ۾ مسافر ريل گاڏين جي واش رومز ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي. پاڪستان ريلويز طرفانجاري پريس رليز مطابق وفاقي وزير تاڪيد ڪئي آهي ته ريلوي اسٽيشنن جي صفائي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ريل گاڏين ۾ به صفائي جا انتظام هجڻ گهرجن. هن اسٽيشنز تي مسافرن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي..