سنڌ ۾ پکڙيل بدامني، پوليس گردي ۽ بغاوت جو سوال!

تحرير:ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”انڌير نگري، چرٻٽ راجا“، پاڻ وٽ آئين جي آرٽيڪل 25 موجب جيڪڏهن پنهنجو جائز موقف رکجي ٿو ته به بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن ۽ جيڪڏهن آئين جا آرٽيڪل 16 ۽ 17 ٽوڙڻ جي بنيادي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيون ٿا ته به اسان لاءِ بغاوت جو نانءُ ڏنو ٿو وڃي، باقي جيڪڏهن اهي راجا پاڻ سڄي آئين کي لتاڙي پنهنجا ڀڀ ڀرين ته انهن خلاف نه ڪا بغاوت ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو. باقي ڏوهه وڃي انهن ڪيو آهي، جيڪي ڪٿي پنهنجن جائز حقن خاطر پنهنجي وطن سنڌ ڌرتي جي تحفظ سميت آئين جي آرٽيڪل 25 تحت جائز موقف رکن ٿا يا وري عوامي امنگن خاطر ڪنهن بدامني خلاف جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪري ٿو ته قومي ڪاڪنن سان گڏوگڏ سندن گهرڀاتين کي گهران يا رستن تان پڪڙيو ٿو وڃي، ڪٿي وري پنهنجي ڪنهن محبوب رهنما جي ورسي ملهائڻ کي به گناهه سمجهي سوين ڪارڪنن مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ڪري کين جيلن حوالي ڪيو ٿو وڃي ته ڪٿي وري قومي سڏ ڏيڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪري مهينن جا مهينا ٽارچر ڪيو وڃي ٿو، اڄ سڄي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بجاءِ انهن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، سنڌ جي قومپرست ڌرين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سازشون سٽيون وڃن ٿيون. هي سلسلو ورهين کان جاري آهي،

مون کي ياد ٿو اچي ته اڄ کان 30 سال پهرين سائين جي ايم سيد سڄي سنڌ جو تنظيمي دورو ڪيو هو ته ان وقت جڏهن قومي ڪارڪنن سان گڏوگڏ عوام سنڌ جي سچي سپوت جو موقف ٻڌڻ لاءِ روڊ رستن تي بيتاب نظر پئي آيو، تڏهن ۽ تنهن وقت جي حڪومتي ڌر وارن نه رڳو قومي قيادت جي خلاف اهڙا بغاوت جا ڪيس داخل ڪرايا هئا پر گڏوگڏ ان وقت مون سميت (جڏهن صرف 14 سال عمر هئي) ڪيئي معصومن کي به انهن ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو هو، انهن مان ته ڪيترائي هي دنيا ڇڏي چڪا، وقت جي رفتار سان قومي ڪارڪنن جي خلاف ڪو اهڙو وقت سال يا مهينو ته آيو ئي ڪونهي، جو انهن جي خلاف ڪڏهن ڪو ڪيس داخل نه ٿيو هجي، قومي اڳواڻ شهيد يوسف خان جکراڻي کان وٺي اڄ سوڌو هر نئين سج ڪنهن نه ڪنهن طرح هن ڌرتي جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان قومي ڪارڪنن جا چچريل لاش به هن ديس ڌڻين جي قسمت ۾ لکيل هوندا آهن ۽ اڄ تائين اهي قاتل ڪنهن قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي نه سگهيا آهن، ايستائين جو انهن جا نشان به ظاهري طور ملڻ مشڪل آهن. هڪ ٻي چوڻي آهي ته ”نوانوي ڏينهن چور جا ۽ هڪڙو ڏينهن ڀاڳئي جو“ سو ضرور اهڙي ظلم جو انهن کي حساب ڏيڻو پوندو.

قومي ڪارڪنن جي کنڀي گم ڪرڻ کان وٺي تازو ڄامشوري ضلعي ۾ جيڪا پوليس گردي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ان وقت قومي ڪارڪنن کي ڊوڙائي ڊوڙائي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن پرامن ڪارڪن پنهنجي محبوب رهنما سائين جي ايم سيد جي ورسي ملهائڻ کانپوءِ  واپس موٽي رهيا هئا ته ڄامشورو ضلعي جي پوليس انهن خلاف وحشياڻي ڪارروائي ڪندي 167 ڪارڪنن، جن ۾ سنڌ جون نياڻيون به شامل آهن، نواز زنئور، تاج جويو، سارنگ جويو، ارباب ڀيل، علي رضا لاکو، زبيده، شبانه، زاهده انور بڙدي سميت ٻين ڪارڪنن خلاف ايس ايڇ او ساجد ڳنڀير جي فرياد تي 17 عورتن ۽ 150 مردن خلاف انتشار پکيڙڻ، هل هنگامو ڪرڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي قلمن سميت بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس گرفتار ڪارڪنن مان 87 قومي ڪارڪنن کي ظاهر ڪندي حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺندي عدالت جي حڪم تي ڪارڪنن کي سينٽرل جيل حيدرآباد حوالي ڪيو.

اهڙي واقعي بعد قومپرست قيادت ۾ يقينن ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، جنهن جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي تقرير ۾ قومي ڪارڪنن جي فوري آزادي جي گهر ڪندي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي، جيتوڻيڪ اهڙي قومي سڏ جي ڪا تاريخ ته مقرر ناهي ڪئي وئي، پر تازو جڏهن ڄامشورو جي پوليس پاران اهڙي ڪڌي حرڪت ڪندي قومي ڪارڪنن خلاف جيڪو رڻ ٻاري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاريون ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، تن خلاف به ڪيس داخل ڪرڻ واري کانپوءِ  قومي قيادت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تاءُ پکڙيل آهي، ڄامشوري جي پوليس پاران قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سنڌ جي بهادر نياڻين جيڪي سائين جي ايم سيد جي ورسي تي آيل هيون، تنهن واقعي خلاف اڄ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين قومي ڪارڪن پنهنجو قانوني ۽ آئيني احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي گهر ڪري رهيا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته انهن خلاف من گهڙت ڪيس خارج ڪري فوري طور تي کين آزاد ڪيو وڃي، ڄامشورو پوليس جيتوڻيڪ ظاهري طور تي پاڻ ئي فريادي ٿي قومي ڪارڪنن جي خلاف اهڙو ڪيس داخل ته ڪري ورتو آهي پر اڻ سڌي طرح پوليس جي اهڙي ڪارروائي ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن، جن کي سيد جي ورسي دوران سنڌ ۾ پنجن قومرپست پارٽين جسقم آريسر، جسقم (صنعان قريشي) جست، جيئي سنڌ قومي پارٽي، سنڌ سجاڳ فورم ۽ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي سيد جي مزار تي گڏيل حاضري هضم نه پئي ٿي.

اڄ قومي قيادت ڀلي پنهنجو منشور الڳ رکي پر جيڪڏهن انهن جو موقف گهڻي ڀاڱي هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ هجي ها ته اڄ شايد قومي ڪارڪنن تي هي ڏکيا ڏينهن نه اچن ها. هتي اسان وٽ به قومي قيادت ڇڙوڇڙ نه هجي ها، بلڪه ٻڌي ۽ ايڪي سان هڪ ٿي هلن ها ته اڄ اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين ها، جيئن اسان وٽ اڄ پوليس روايتي ونگار وهندي رهي آهي. اڄ ڄامشورو ضلعي پوليس جو ڪو پهريون ۽ نئون ڪارنامو نه آهي قومي ڪارڪنن خلاف جيڪو ڪجهه وهيو واپريو آهي، تن ۾ پوليس کان وڌيڪ انهن ماڻهن جو ڪردار آهي، جن کان پنجن قومپرستن پارٽين جو گڏجڻ هضم نه پيو ٿئي. شايد ساڳئي ڏينهن تي جڏهن ڄامشورو پوليس قومي ڪارڪنن کي سن، ڇڇر ۽ پيٽارو ٽول پلازه وٽ روڪي ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون، ان ساڳئي ڏينهن نوابشاهه ۾ ڪارڪنن خلاف ان وقت پوليس ڏمرجي پئي، جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي بدامني ۽ منشيات جي آزار خلاف قومي ڪارڪنن احتجاج ڪندي ايس پي نوابشاهه جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، واقعي بعد پوليس سڀ قانون جا ليڪا لتاڙي قومي ڪارڪنن تي جانورن جيان وحشياڻو تشدد ڪندي عورتن کي به مارڪٽ ڪئي ۽ کين گرفتار به ڪيو، نوابشاهه پوليس جي اهڙي ڪارروائي بعد سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي هنگامي صورتحال دوران نوابشاهه پهتو ۽ بروقت ڪارڪنن جي سار لڌي، ايس يو پي صدر سيد زين شاهه به واقعي واري هنڌ پهچي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو.

ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان شهر توڙي ڀرپاسي ۾ جتي بدامني جي باهه ٻري پئي آهي ته اتي منشيات جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن، تن خلاف قومي ڪارڪنن آواز اٿاريو ته نواب شاهه پوليس بااثرن جي اشاري تي اخلاق جون سڀ حدون پار ڪري نه رڳو قومي ڪارڪن تي تشدد ڪيو، ايستائين جو پوليس پارٽي اڳواڻ نثار ڪيريو کي گرفتار ڪرڻ بعد سندس گهر جي جهڙتي وٺندي قومپرست اڳواڻ جي وني نجمه ڪيريو ۽ ڀاءُ ڪامران ڪيريو کي گهران گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي. پونيئر ته هاڻ پريشان آهن جو اهي پتو نه لڳائي سگهيا آهن ته اهي گرفتار ڪارڪن ڪيڏانهن ويا، کين زمين ڳهي وئي يا آسمان کڻي ويو!

سنڌ ۾ جيڪڏهن بدامني ۽ اغوا جي وارداتن جو ذڪر ڪجي ته ڪشمور جي بڊاڻي واري علائقي مان ايس يو پي جي مقامي اڳواڻ مظهر چاچڙ جيڪو گهر ويندي کنڀجي ويو، تنهن جو اڄ تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، وارث سندس فوري آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن، سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن مٿس ڪنهن ڏوهه جو ڪيس داخل آهي ته پوءِ  هن کي ظاهر ته ڪيو وڃي، هڪ ٻئي ايس يو پي اڳواڻ جاويد شورو به ڄامشوري مان کنڀي گم ڪيو ويو، جيڪو وڏين ڪوششن بعد بازياب ڪرايو ويو، ان واقعي خلاف به ايس يو پي پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، اهڙي طرح سڪرنڊ مان صحافي عزيز لاکو جي ڀاءُ فدا حسين لاکو کي به شايد حق ۽ سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو به اڄ تائين ڏس پتو نه پيو آهي، مجموعي طور قومي ڪارڪنن کان علاوه سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان معصوم نياڻين 13 ورهين جي راحيله سهتو سميت ڪيترائي نوجوان نوشهروفيروز ضلعي مان عزيز ڀنگوار، شرجيل تڳڙ، زاهد مري سميت 7 ڄڻا کنڀجي چڪا آهن، ڪشمور مان غلام مرتضيٰ ڀٽو، ڏهرڪي جي فرزانه اوڏ، خانپور مان امتياز مهر ۽ ممتاز مهر سوڌو ڪيئي ماڻهو اڄ تائين گم آهن، جن جا وارث رت جا ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ اقتدار ڌڻين کي منٿون ڪري رهيا آهن.

هن وقت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان ڪشمور تائين انهن واقعن بعد مغوين جي گهرن ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ لهر ڇانيل آهي، اهڙي طرح قومي ڪارڪنن ۽ قومپرست ڌرين ۾ جيڪا بي چيني پکڙيل آهي، سا منهنجي خيال ۾ خاص طور جڏهن سن ۽ ڄامشورو ۾ پوليس پاران هيڏا سارا ڪارڪن ناحق گرفتار ڪري وڌيڪ قومي ڪارڪنن خلاف جيڪو رڻ ٻاريو ويو آهي، تن خلاف اڄ قومي قيادت ڪنهن منظم تحريڪ جو رخ نه ڪري، پوءِ  يقينن سنڌ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وقت سر ان معاملي طرف ڌيان ڏئي ۽ سنڌ ۾ اغوا ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو وڃي، رڳو ايترو ئي نه پر انهن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، اهڙي طرح قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن تي داخل ڪيل ڪيس خارج ڪيا وڃن، ساڳئي وقت وزيراعظم شهباز شريف کي به اها ئي اپيل ڪندس ته خدارا اهڙي قسم جي واقعن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ جن جا پيارا اغوا يا گم ڪيا ويا آهن، انهن کي موٽايو وڃي، ان ڏس ۾ وزيراعظم شهباز شريف فوري طور تي آءِ جي سنڌ پوليس کان هڪ جامع رپورٽ به طلب ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.