پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جو اندروني خلفشار

تحرير: رفيق پٽيل

موجوده حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ نئون بحران پيدا ٿي چڪو آهي،جنهن جي فوري ختم ٿيڻ جا اثار نه آهن،پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي ان ۾ ڪيتري حد تائين اڳيان وڌڻ گهرجي ته جيئن ان جي ساک کي نقصان نه پهچي اهو هڪڙو سوال آهي،پاڪستان جي موجوده حالتن ۾ اڳوڻي اپوزيشن ۽ هاڻوڪو حڪومتي اتحاد بي اعتمادي جي تحريڪ جي ڪاميابي کانپوءِ گهڻ جماعتي اتحاد جي حڪومت جوڙي پنهنجي پنهنجي جماعتن کي نقصان پهچايو آهي،ان جي ڀيٽ ۾ مقابلي واري تهريڪ انصاف کي هر نئين ڏينهن پنهنجي طاقت ۾ واڌ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، جنهن جا واضح اشارا موجود آهن.

پاڪستان پيپلزپارٽي جا حامي پنجاب ۾ عام طور تي مسلم ليگ سان اتحاد سان خوش نه ٿيندا آهن،اهو ئي حال مسلم ليگ ن جي هيٺين سطح جي حامين جو آهي جيڪي به ان اتحاد مان خوش ناهن،اهڙي طرح ٻين سياسي پارٽين جي ڪيفيت آهي،جتي ڪارڪن پنهنجي جماعت کانسواءِ ٻين پارٽين سان گڏ هلڻ تي ارها آهن،جنهن جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿي رهيو آهي،اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته پي ٽي آءِ جي صفن ۾ حڪومت وڃائڻ باوجود جوش ۽ ولولو آهي،حڪومتي اتحاد جي پارٽين ۾ حڪومت حاصل ڪري به مايوسي ۽لاتعلقي آهي،عام طور تي اتحاد ۾ سڀني کان وڏي جماعت ٻين ننڍين جماعتن جي ڪارڪنن کي گڏ ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي،۽ ان جي سياسي طاقت ۾ ڪجهه اظافو ٿي ويندو آهي،ان جو واضح مثال 1988 جو اڳوڻو اسلامي جمهوري اتحاد آهي،جنهن ۾ جماعت اسلامي ۽ اسلامي جميعت طلبه جي ڪارڪنن جو وڏو انگ مسلم ليگ ن سان وڃي ميلو هو، اهڙي طرح ٻين پارٽين جاڪارڪن به مسلم ليگ ن سان وڃي مليا هئا.جڏهن اهو اتحاد ختم ٿيو ته ان وقت ننڍين جماعتن کي بعد ۾ احساس ٿيو ته اهي بي شمار موثر ڪارڪن جيڪي ٻئي ٽئي درجي جي قيادت فراهم ڪري سگهن ها، اهي مسلم ليگ ن سان ملي ويا،هن ڀيري به صورتحال ان جي ڀيٽ ۾انڪر ي به  مختلف آهي،جو بي اعتماديءَ بعد حڪومتي اتحاد کي پذيرائي نه ملي آهي، جيستائين تحريڪ انصاف جي  حڪومت کي اتحاد کان جدا ڪرڻ جي جدوجهد جو مرحلو ۽ احتجاجي جلسا جلوس هئا ان وقت تائين موجوده حڪومتي اتحاد ۽اڳوڻي اپوزيشن جي ڪارڪنن جو جوش ڪنهن حد تائين موجود هو جيڪو هاڻي موجود نه آهي.

هڪڙو ٻيو مثال متحده مجلس عمل جو به آهي،اتحاد ۾ سڀني کان وڌيڪ فائدو مولانا فضل الرحمان جي جماعت جميعت علماءِ اسلام کي ٿيو هو ۽ سڀني کان گهڻو نقصان جماعت  اسلامي  کي ٿيو هو،ٿي سگهي ٿو ته انتظاميه ۽ پوليس  جي  مدد سان پي ٽي آءِ کي دٻائڻ جا قدم کنيا وڃن، پر ان جا نتيجا چونڊن ۾ چڱا نه هوندا،نه ئي حڪمران جماعت جي حامين ۾ ان کي ڪا موٽ مل سگهي ٿي، هن وقت صورتحال انتهائي خراب آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي ئي هن اتحاد جي سڀني کان وڏي جمهوري جماعت آهي،جنهن وٽ آئينده ڪم ڪرڻ ۽ ملڪي سطح تي ان کي موثر بنائڻ جا موقعا موجود آهن،ان کي پنهنجي تنظيم ۾ ڦيرڦار ڪرڻي پوندي، ان کي بهتر بڻائڻو پوندو،سموري ملڪ ۾ اهڙن ڪيترن ئي جمهوريت پسند،روشن خيال ۽ترقي پسند ڪارڪنن جو تعداد موجود آهي،جن کي پيپلزپارٽي پاڻ سان ملائي هڪ ڀيرو وري وڏي سياسي قوت بنجي سگهي ٿي،ممڪن آهي هن اتحادي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ هن جي مجبوري هجي،پر جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي پنهنجي سڃاڻپ ئي مجروح ٿي وئي ته اهو هڪ وڏو نقصان هوندو.هڪ قومي سطح جي سياسي جماعت جيڪا هڪ صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي، اها تڪڙ ۾ پنهنجو مستقبل داءُ تي لڳائي رهي آهي،يا اها حالتن جو درست اندازو نه لڳائي رهي آهي،گهٽ ۾ گهٽ بلاول ڀٽو کي پرڏيهي وزير بڻائڻ ايڏي وڏي غلطي آهي، جنهن جو پارٽي درست تجزيو نه ڪري سگهي آهي.

هن وقت پاڪستان تي چين جو شديد دٻاءُ آهي،جيڪو ڪجهه ڪالعدم تنظيمن کي پاڙان ئي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي لاءِ هڪ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي،هندوستان جي پاڪستان سان ويجهڙاپ وڌي رهي آهي،اهو به پاڪستان تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي،افغانستان مان پاڪستان تي مسلسل حملا  ٿي رهيا آهن،ايران سان به لاڳاپا محدود نوعيت سان اڳيان وڌڻ آسان نه آهي،روس ڏانهن قدم وڌائڻ آمريڪا جي ناراضگي جو سبب بڻجندو،اها ايتري قدر مشڪل  صورتحال آهي،جو سموري قوم گڏجي ڪري ئي ان مان ٻاهر  نڪري سگهي ٿي.موجو ده ڇڪتاڻ واري حالت ۾ پرڏيهي وزير ٿيڻ سان هر وقت دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوندو،۽ پنهنجي مقبوليت کي گهٽ ڪرڻو پوندو.خاص ڪري ان وقت جڏهن پارٽي پنجاب ۾ پنهجا قدم نه ڄمائي سگهي آهي،اهو فيصلو پارٽيءَ جي مفاد ۾ نظر نٿو اچي،بلاول ڀٽو جي لاءِ پارٽي سربراهه جي حيثيت ۾ مستقبل جو مقبول وزيراعظم بڻجڻ ئي پارٽي جي لاءِ بهتر هجي ها،هو اڃان جوان آهي اڀرندڙ قيادت آهي،هن سفر جي شروع ۾ سوچي سمجهي اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي،

اڄ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اهو چوڻ  تي مجبور ٿي ويو ته هن واضح اڪثريت بنا اتحادين جي مدد سان حڪومت ٺاهي غلطي ڪئي هئي. اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي کي پاڪستان جي سڀني کان وڏي عوامي پارٽي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ  ان ڪري به ضروري آهي جو هڪ اهڙو ماضي آهي،جنهن ۾ پاڪستان ۾ هڪ عوامي جمهوري سياست جو بنياد رکيو هو، ان مقصد جي لاءِپارٽي جي تنظيم ۾ بهتري ۽ڀرپور عوامي مهم جي ذريعي پارٽي کي 1970 واري سياسي جماعت بڻائڻو پوندو، موجود اتحادي حڪومت  جي دفاع ڪرڻ سان پارٽيءَ کي اها مقبوليت حاصل نه ٿي سگهندي،آهستي آهستي مخلص ڪارڪن مايوس ٿي ويندا ۽ مجموعي حيثيت سان ڪارڪنن جو حوصلو ڪمزور ٿي ويندو،اهڙي ڪيفيت ۾ پارٽي جا حامي متبادل سياسي پارٽين سان رابطا ڪندا آهن.

شهيد محترمه ان ڳالهه جو خاص خيال رکندي هئي هو اعلي سطحي رابطا ۽ اقتداري حلقن کان پنهنجي موقف مڃرائڻ جي حڪمت عملي سان گڏوگڏ  عوام ۾ پنهنجي پارٽي جي ساک کي برقرار رکڻ پارٽي جي تنظيم جي معاملن کي هيٺين سطح تائين جائزو وٺڻ جي معاملن تي به نظر رکڻ جي ڳالهه کي به نظر انداز نه ڪندي هئي.هن کي هزارين ڪارڪنن جا نالا ياد هوندا هئا،تنظيمي عهديدارن سان هن جا رابطا هر وقت برقرار رهيا.  پارٽي جي ڪارڪنن کي شهيد محترمه جي اڻ ڳڻين صلاحيتن سان گڏوگڏ ٻين ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه اڄ  به ياد آهي، پاڪستان جون سياسي حالتون اهڙيون آهن جو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ حڪمران اتحاد جي مقبوليت گهٽجندي ويندي، يا جلد ئي هڪ نيئن حڪومت ان جي جاءِ ولاريندي. جنهن جو مدو گهڻو ڊگهو ٿي سگهي ٿو، ان ڳالهه جا امڪان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ته حالتن جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ موجوده جمهوري نظام کي نقصان پهچي سگهي ٿو.جيڪو ملڪ جي ڪنهن به سياسي جماعت جي حق ۾ نه هوندو،پيپلزپارٽي کي پنهنجو ڪم اهڙي انداز سان ڪرڻو پوندو جو موجوده حالتن جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ان جي منفي اثرن کان پارٽي کي ٿيندڙ نقصان کان بچائجي، ڇاڪان جو نيئن حڪمران اتحاد جي لاءَ ماحول سازگار نه آهي، ايتري تائين جو پي ٽي آءِ کي سياسي عمل کان ٻاهر به ڪيو ويو ته پڻ ماحول بهتر نه بڻجندو، وڌيڪ خراب ئي خراب ٿيڻ جو  خدشو رهندو، ان ڪري پي پي پي جي قيادت کي پارٽي کي اوليت ڏيڻي پوندي، حڪومت پنهنجي جاءَ تي ضروري آهي پر ان جي حيثيت ثانوي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.