بلوچستان جو الميو

تحرير: امتياز عالم

شري جان بلوچ جي ”فدائي حملي“ کان پوءِ، نامياري صحافي انور ساجدي روزاني انتخاب (ڪوئيٽا) ۾ ”بلوچ پيش مرگه“ جي عنوان هيٺ بلوچن لاءِ ٻه رستا ، يعني جمهوري ۽ پرامن يا هٿياربند بغاوت.بيان ڪندي بلوچ نوجوان عورتن جي فدائي دستي جي تراني جو ذڪر ڪيو آهي ته،”عورتن جي   وڏي انگ ڪرد عورتن جي طرز تي بلوچ پيش مرگه جوڙيو آهي، ۽ غالبن سوين نوجوان عورتون پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهن،“ انهن فدائي عورتن  جو ترانو براهوي زبان ۾ آهي. جنهن ۾ هو بلوچ سرزمين لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پوءِ بلوچ مسئلي تي سوچن جو فرق بيان ڪندي،انور ساجدي رقطراز آهي ته ”ان جو اندازو گودي شاري بلوچ جي واقعي جي سوشل ميڊيا تي مختلف راين مان لڳائي سگهجي ٿو.پنجاب مان آيل آوازن ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو آپگهاتي حملو چريائپ آهي ۽ دشمن نوجوانن کي برين واش ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو پهه ڪيو آهي. پر سڄي دنيا ۾ بلوچن ان کان وڌيڪ مختلف رد عمل ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته شاري هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي ۽ سندس قرباني هميشه ياد رهندي. ماڻهن هڪ طرف ڏک ۽ ٻئي طرف خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. رات وچ ۾ هڪ وڏو  ادب وجود ۾ اچي رهيو آهي. ماڻهن  شري جي شان  ۾ هزارين  شعر لکيا آهن.اهڙي طرح مختلف ردعمل اسان  1970 ۾ به ڏسي چڪا آهيون.اولهه پاڪستان ۾ ”زمزمن جي محبت جو ذڪر هوندو هو  يا ڪو ٻاهريون هٿ هوندو هو“. ته اوڀرپاڪستان ۾ آزادي جي زمين جي تاريخ لکي پئي وئي،پر بلوچن جي ٻاهرين  حملي ڪندڙن ۽ جديد بيٺڪي قبصن خلاف قومي آزادي جي راويت به ايتري ئي پراڻي آهي جيترو خود بلوچستان.

بلوچستان دنيا جي قديم ترين آبادي آهي جتي قديم ترين انسان جا آثاراڄ به ملن ٿا. قديم پٿر جي دور (7000 ق.م.) کان وٺي ڪانسي جي دور (2500 ق.م)  ۽ ان کان پوءِ بلوچستان هڙپا جي ثقافتي محور جو حصو ٿيندي سنڌ تاس جي آبادين جي تعمير ۾ان جي معدنيات ۽ ڪاريگريءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. پر سندن ٻولي انڊو-آريائي نه هئي، پر دراوڙي نسل  جي براهوي ٻولي هئي. ڊگھن يوناني حملن کان پوءِ، يونانين تي آريائن جي فتح کان پوءِ، چندرگپت موريا، سيلوس 303-ق.م. ۾ بلوچ مزاحمت سان صلح ڪيو.. بعد ۾ ايراني، افغاني، عرب، مغل ۽ دهلي سلطنتن  جي قبضي ۽ ان بعد بلوچ ويڙهه ۾  رهيا. آخرڪار قلات جي رياست (1666-1948) وجود ۾ آئي. 19هين صديءَ ۾ قومپرستن ايراني قبضي خلاف بغاوت ڪئي. ويهين صديءَ ۾ بهرام خان ڪنٽرول  سنڀاليو،جنهن کي انگريز راڄ تسليم ڪيو. پوءِ مير دوست خان شاهه بلوچستان ٿيو، جنهن کي برطانيه جي مدد سان ايران جي رضا شاهه شڪست ڏني ۽ ايران ۾ ڦاهي ڏني. 1839ع ۾ انگريزن حملو ڪيو ۽ محراب خان کي قتل ڪيو  ويو. 1877ع ۾ انگريزن بلوچستان ايجنسي قائم ڪئي. اڄوڪو بلوچستان اتي بيٺل آهي جتي ڪرنل سر رابرٽ گروز بينڊمن ان کي نوآبادياتي گهرجن مطابق ”ترقي“ ڏني هئي. 1928ع ۾ محمد علي جناح پهريون ڀيرو بلوچستان ۾ جمهوري سڌارن جي تجويز پيش ڪئي. 1932ع ۾ يوسف مگسي جيڪب آباد ۾ پهرين آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس منعقد ڪئي. ان کان پوءِ قلات رياست نيشنل پارٽي ٺاهي وئي. ۽ انجمن وطن جنگ آزاديءَ ۾ ڪانگريس جي اتحادي بڻجي وئي. مسلم ليگ جي حوالي سان قاضي محمد عيسيٰ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ 1943ع ۾ جناح صاحب جو ڪوئيٽا ۾ شاندار استقبال ٿيو.

بلوچستان چيف ڪمشنر جو صوبو هو ۽ نسلي رياستون جن ۾ قلات، مڪران، لسٻيلو، خاران وغيره شامل هيون. 3 جون 1947ع واري برطانوي منصوبي تحت بلوچستان جي علائقن کي پاڪستان يا هندستان جو حصو بڻجڻو هو. انگريزن قلات کي غير هندستاني رياست نه مڃيوهو. پر خان آف قلات جي ڪنفيدرل  نظام جي تجويز کي قبول ڪندي، جناح، ٻين شاهي رياستن وانگر پاڪستان سان الحاق جي ڳالهه ڪئي.. جڏهن 29 جون 1947ع تي صوبي جي شاهي جرڳي ۽ ڪوئيٽا ميونسپلٽي جي ميمبرن پنهنجي الحاق جو اعلان ڪيو ته خان آف قلات ۽ سندس ساٿين شاهي جرڳي کان الڳ ٿي 15 آگسٽ تي رياست قلات جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. پر 27 مارچ 1948ع تي ڪرنل گلزار GOC جنرل اڪبر خان جي هدايت تي قلات تي قبضو ڪيو. 28 مارچ تي قلات کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي جناح 31 مارچ 1948ع تي منظوري ڏني..

پاڪستان سان ”الحاق“ کان پوءِ بلوچ مسلسل پنهنجي قومي خودمختياريءَ لاءِ وڙهندا رهيا. خان آف قلات جي الحاق خلاف پهرين مزاحمت پرنس عبدالڪريم خان ڪئي.لشڪر ڪشي ڪئي وئي پر ناڪام ٿي. 1955ع ۾ صوبن کي ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو، جنهن خلاف مزاحمت شروع ٿي. ٻي مزاحمت نواب نوروز خان 1958-59ع ۾ گوريلا جنگ شروع ڪري ڪئي. کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس پنجن پٽن ۽ ڀائٽين کي ڦاسي ڏني وئي. ٽين مزاحمت  شير محمد بجاراڻي مري جي اڳواڻي ۾ بي ايل ايف شروع ڪئي جيڪا 1963ع کان 1969ع تائين ون يونٽ ۽ جنگ بندي جي خاتمي تائين جاري رهي.

چوٿين مزاحمت مير هزار خان بجاراڻي مريءَ جي BLF پاران 1973ع ۾ صدر ڀٽو پاران بلوچستان ۾ نئپ حڪومت جي خاتمي خلاف شروع ڪئي وئي جيڪا 1977ع جي آخر ۾ ختم ٿي. پنجين مزاحمت 2001ع ۾ خير بخش مريءَ جي گرفتاري سان شروع ٿي ۽ 2004ع ۾ گوادر ۾ ٽن چيني انجنيئرن کي قتل ڪيو ويو. مير بالاچ مري ۽ اڪبر بگٽي 15 نقاطي مطالبا پيش ڪيا. ڪجهه به نه ٿيو ۽ 2006ع ۾ اڪبر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو جنهن سان مزاحمت جي باهه پکڙجي وئي ۽ هاڻي ان مزاحمت ۽ فوج ڪشي کي ٻه ڏهاڪا ٿي ويا آهي ۽ ان جي پڄاڻي جا آثار پري پري تائين نظر نٿا اچن.. 12 آگسٽ 2009 تي خان آف قلات مير دائود سليمان آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ آزاد بلوچستان ڪائونسل قائم ڪئي، جنهن ۾ ايراني سيستان پڻ شامل آهي.

بلوچستان پاڪستان جي ڪل ايراضيءَ جو 40 سيڪڙو آهي، جنهن کي طاقت جي زوري قبضي هيٺ نٿو رکي سگهجي ان جي آبادي ڪل آبادي جو 6 سيڪڙو آهي ۽ بلوچ ان جو 52 سيڪڙو آهن جيڪي ڪا اجتماعي قوت نه بڻجي سگهيا آهن. جو اهي بلوچستان کي پاڪستان کان ڌار ڪري وٺن.

بهرحال بلوچستان ۾ مزاحمت کي ڪچلڻ ناممڪن آهي ۽ بلوچستان جي مزاحمت جو بار کڻڻ پاڪستان جي بگڙيل معاشي صورتحال ۾ گهڻو  مشڪل ٿيندو پيو وڃي. بلوچ باغين کي بلوچ نوجوانن ۽ آبادي جي هڪ وڏي حصي جي حمايت حاصل آهي ۽ هڪ وسيع پٿر وارو علائقو سندن گوريلا جنگ لاءِ موزون آهي. بلوچستان ۾ مڙهيل جديد نوآبادياتي نظام مدي خارج  ۽ عوام دشمن آهي، جنهن ۾ بلوچ عوام جي جمهوري شموليت، برابريءَ جي ترقي ۽ سماجي اڳڀرائي ممڪن ناهي.

بلوچستان جا سمورا معدني ۽ قدرتي وسيلا ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۽ فائدا بلوچستان ۽ ان جي عوام لاءِ ڪنهن به ڪم نه پيا اچن. جنهن ۾ سي پيڪ منصوبو ۽ گوادر بندرگاهه به شامل آهن. بلوچن جي  نسل ڪشي ۽ نسلي تعصب نوجوان نسل کي اڃان به  لاتعلق ڪري رهيا آهن.

بلوچستان تي هڪ جعلي سرداري ۽ گما شته نظام مسلط ڪيو ويو آهي، جنهن جو اتي جي عوام ۽ انهن جي جمهوري ۽ انساني خواهشن سان ڪو به واسطو ناهي. هن جديد نوآبادياتي غلبي، قومي استحصال ۽ اڻ برابريءَ جي هوندي بلوچستان جي مسئلي جو ڪو به حل نڪرڻو نه آهي. پاڪستان جي رياست کي  فيصلو ڪرڻو آهي ته هو بلوچ عوام جي قومي امنگن جو احترام ڪندي، قومي جبر جو خاتمو ڪري ۽ بلوچن جي انهن  سمورن معاملن ۾ قومي شموليت کي يقيني بڻائي، يا وري  هڪ بي نتيجا جنگ ۾ پاڻ کي ۽ بلوچن کي تباهي ۾ ڌڪي ڇڏي.بس!.رڪجي وڃو ڪافي ٿي ويو! بلوچن کي سندن جائز حق ڏيو!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.