ڌڻي در دعا آهي ته امداد کي الله صحت سان گڏ وڏي زندگي ڏئي

تحرير: سلطانه وقاصي جي پوسٽ

ڪالھه سحرامداد سان ڳالھائڻ ٿيو .اسان سڀني جو امداد حُسيني ٺيڪ ڪونھي.امداد حُسيني ۽ سحر سان سالن جو ساٿ آھي .سحر سان دوستي زبيده ڪاليج ۾ جُڙي ۽ سائين امداد سان ملڻ ٿيو جڏھن پاڻ سنڌالاجي اولڊ ڪيمپس ۾ ڪم ڪندا ھئا سحر سان ته اھڙي گھرائپ ھئي جو ھوءَ لطيف آباد واري بنگلي ۾ ايندي ھئي منھنجي امان ۽ منھنجو ڀينرون کيس گھڻو قرب ڏينديون ھيون.اُن زماني ۾ سحر شبنم گل زبيده ميتلو ۽ ٻيون ڪيتريون منھنجون دوستون منھنجي گھر اينديو ھيون..نورلھدا شاه ته صبح سان ننڊ مان اٿي منھنجي گھر اچي ناشتو ڪندي ھئي ۽ رات جو گھر ويندي ھئي.نسرين جوڻيجو ته منھنجي ٻاراڻي وھي جي دوست آھي اُن جي والده ڊاڪٽر شمشاد جوڻيجو مينٽل ھاسپيٽل (گدوءَ) ۾ ڊاڪٽر ھئي ۽ منھنجي امان جي دوست ھئي.ادي خيرو تنوير جوڻيجو فھميده ميمڻ انيس ميمڻ ٻيون ڪيتريون منھنجي ڪاليج ۽ ادبي دُنيا جون ساٿياڻيون آھن .مھتاب اڪبر راشدي سان ميل ميلاپ ڪراچي ۾ ٿيو ۽ جيُ جُڙي ويو..ھت مان اختر بلوچ کي ڪيئن ٿي وساري سگھان زبيده ڪاليج وارو وقت لطيف آباد ۾ ڀٽائي اسپتال جي ڀرسان رسول بخش پليجو ۽ جيجي زرينه بلوچ جو گھر جت مان اختر سان ملڻ ويندي ھئس اُن گھر ۾ اختر جي شادي ٿي ھئي ۽مان اُن شادي ۾ موجود ھئس..اختر بلوچ به ھاڻ ٺيڪ نه ٿي رھي منھنجي ملاقات ٿيندي رھندي آھي.جڏھن مان اُن وٽ ويندي آھيان ته مون سان ملي ڪري ھڪدم چوندي مڇي کائيندينءِ ۽ ايستائين سُک نه ايندس جيستائين منھنجي لاءِ مڇي ڪڍي نه رکندي .مان چوندس اختر ويھ ڪچھري ڪيون .

ھي دل جون ڳالھيون ۽ پراڻا ورق ڪالهھ مونکي سحر ياد ڏياريا ۽ مان ڪٿا کڻي ويھي رھي آھيان..امداد جي بيماري جي باري ۾ ان جي تڪليف جي ڳالهھ ڪندي ھوءَ روئي ويٺي…سحر جنھن کي سدائين کلندي چھڪندي اسان ڏٺو آھي ان جو ائين روئڻ برداشت کان مٿي آھي.ڇا چئجي بس چيو مانس سحر امداد کان سواءِ ۽ امداد سحر کان سوا۽ ڪجهھ به نه آھي .انشاءَالله ادا امداد بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو ھميشه توھان سان گڏ ھوندو..خبر نه آھي ڇو ھن مھل شاه سائين جي شعر جي سٽ ياد اچي ويئي آھي

مون ۽ پرين ھجن برابر ڏينھڙا

اسان سڀني جو امداد حُسيني جت ملندو يڪدم پُڇندو سلطانه ڇا پئي ڪرين خوش ته آھين پو۽ ڀر ۾ ويھي ڪڇھري ڪندو..ادب کان سواءِ اُن وٽ ڪو موضوع نه ھوندو آھي..ھڪ ڳالهھ توھان نوٽ ڪئي آھي ته ھو جڏھن اسٽيج تي تقرير ڪندو آھي ته اُن جون نظرون آرڊينس ڏانھن نه ھونديون آھن ھو مٿي پيو ڏسندو آھي توري تڪي ڳالھائيندو آھي .شاعريءَ جون رمزون گھاڻيٽا اصطلاح ۽ ادب جا حوالا ائين پيو ڏيندو آھي ڄڻ ته سندس سامھون اُھي ڪتاب کُليا پيا آھن .پندرھن منٽن جي تقرير ڪيائين ڄڻ ڪتاب پڙھائي ڇڏيائين.جي اڌ ڪلاڪ جي تقرير ڪيائين ته معنيٰ تاريخ کي اُٿلائي ڇڏيائين.اھڙو ئي آھي امداد حُسيني اُن جيترو پڙھيو آھي اوترو لکيو نه آھي .سکو امداد حُسيني ۽ ٻين وڏن اديبن کان جن پڙھيو پوءِ لکيو

لکڻ لا۽ ھنياءُ ڀريو پيو آھي. امداد حُسيني تي جيترو به لکجي سو گھٽ آھي بس ڌڻي در دُعا آھي ته کيس صحت سان وڏي زندگي ملي ۽ جُڙيو ھجي پھنجي سحر سان گڏ.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

4848

21 Comments

Like

Comment

Share

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.