ڪونڀا واهه تي ڊئم اڏڻ سان پاري نگر هڪ ڀيرو ٻيهر اجڙي ويندو

سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي ڌرتي سمنڊ مان نروار ٿيڻ وقت جيڪا پهريون آثار ظاهر ٿيو اهو ڪارونجهر جبل آهي جنهن جي ڄمار جو لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ سال ڪاٿو لڳايو وڃي ٿو. ننگر پارڪر جي نگري ۾ سنڌ جو پُراڻو شهر پاري نگر هو جيڪو لوهه جي اهم صنعت جو مرڪز هو. ان پاري نگر سان لاڳاپيل  سانگاھ ڍنڍ نه رڳو پارڪر جي لوڪ ادب پاڻيارين جي لوڏ ۽ ديسي پرڏيهي پکين لاءِ محفوظ پناه گاه آھي ان سان گڏوگڏ هڪ تهذيب جي پالڻھار به آھي انهي سانگاھ ڍنڍ کي سيراب ڪندڙ ڪونڀا واھ تي ڊئم اڏيندڙن جو مقصد جيڪڏھن پاڻي بچائڻ ھجي ها ته اهو سانگاھ ڍنڍ کان وڌيڪ پوري پارڪر ۾ ڪٿي ڪارائتو ٿي سگهي ٿو

سانگاھ ڍنڍ هزارين انسانن توڙي چوپائي مال ۽ اتي موجود آسپاس جي کوهن لاءِ مٺي پاڻي جو واحد ذريعو آھي ان کي سيراب ڪندڙ ڪونڀا واه تي ڊئم اڏڻ سان پاري نگر هڪ ڀيرو ٻيهر اجڙي ويندو پر ان کي اجاڙڻ جي ڪوشش ڪندڙن جي هر حال ۾ رستا روڪ ٿيڻ گهرجي. پارڪر جا وارث سدائين ڪارونجهر تي ڊئم اڏڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آھن سي سڀ هڪ آواز ٿي هن ڊئم جي مخالفت ڪري رهيا آھن سندن آواز کي نظر انداز ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ پاري نگر جي ماڻھُن جي ڳالھه کي ٻُڌو وڃي.  اسين سانگاھ ڍنڍ کي بچائڻ لاءِ ھر وک تي ڪارونجهر جي اولاد سان گڏ هونداسين.

ايوب کوسي جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.