ڄامشورو ۾ مسجد نبوي صـ جي توھين ۽ بي حرمتي ڪرڻ واري واقعي ۽ ايم اين اي شاھ زين بگٽي تي حملو۔ ڪرڻ واري ڪوشش خلاف

ڄامشورو ۾ مسجد نبوي صـ جي توھين ۽ بي حرمتي ڪرڻ واري واقعي ۽ ايم اين اي شاھ زين بگٽي تي حملو۔ ڪرڻ واري ڪوشش خلاف ڄامشورو ۾ جھموري وطن پارٽي ۽ بگٽي برادري پاران احتجاجي مظا هرو ڪيو
عبدالرحيم بگٽي, حاجي محمد شريف بگٽي, حافظ علي جان چانڊيو, حاجي محمد حسن بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جمهوري وطن پارٽي جي ڪارڪنن ۽ بگٽي برداري جي ماڻهن سيوھڻ روڊ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ مدينا منوره ۾ مسجد نبوي صه جي توهين ۽ شاھ زين بگٽي تي حملو ڪندڙن خلاف سخت نعريبازي ڪئي,
ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته پي ٽي آئي پنهنجي ناڪامي بعد بوکلاٽ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ حد کان وڌيڪ ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن, هنن چيو ته مدينا منوره ۾ مسجد نبوي صه جي بيحرمتي ۽ بگٽي قبيلي جي معزز ايم اين اي شاھ زين بگٽي تي حملو ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي, هنن مطالبو ڪيو آهي ته مسجد نبوي جي بيحرمتي ۽ شاھ بگٽي تي حملو ڪندڙن گرفتار ڪري کين سخت سازائون ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.