شهدادڪوٽ ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي سوين پورھيتن شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي

شهدادڪوٽ ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي سوين پورھيتن شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي
ٽريڊ يونين مزدور فيڊريشن پاران شهر جي ٽائون هال ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ شريڪ اڳواڻن ڪامريڊ عرس ، ڪامريڊ وهاب ، نادر مگسي، غلام الله سيلرو، فياض جمالي، غفار پندراڻي۽ ٻين چيو ته شڪاگو جي شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي دنيا جي مزدورن جو مان مٿانهون ڪيو، اڄ جيڪڏهن دنيا ۾ مزدور توڙي ملازم طبقو 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ۽ پورهيو ڪري ٿو ته اهو شڪاگو جي شهيدن جي خون جي نذراني جي بدولت آهي, هنن چيو ته افسوس آهي جو هر دؤر ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي سان نااصافيون ٿينديون رهيون آهن. جڏهن ته مزدورن کي گهربل اجرت ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر الٽو کين مختلف صنعتي ادارن منجهان بلاجواز نيڪالي ڏني پئي وڃي, هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اعلانيل 25 ھزار روپين واري اجرت تي سختي سان عمل ڪرائي مزدورن کي پنهنجو پورو حق ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.