شيخ رشيد جي وگ لاهيندڙ کي 50 هزار انعام ڏيندس: حنيف عباسي

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي خاص مددگار حنيف عباسي، شيخ رشيد بابت عجيب ۽ حيران ڪندڙ اعلان ڪيو آهي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي جو چوڻ هو ته عمران خان جي چوڻ تي مسجد نبوي صه جي ڏکوئيندڙ واقعي جي رٿابندي ڪئي وئي، بدترين دشمن به مسجد اڳيان ناهي ڳالهائيندو، مسجد نبوي صه جي واقعي جي پلاننگ عمران خان ۽ شيخ رشيد ڪئي، شيخ رشيد جو ڀائيٽو پلاننگ ۾ شامل رهيو.

هن چيو ته شيخ رشيد سياسي مقابلو ڪري، جنهن تڪ مان شيخ رشيد چونڊ وڙهندو اتي مان به وڙهندس ۽ مقابلو ڪندس، هي جيڏانهن ويندا انهن کي انڊا ۽ ٽماٽا لڳندا، شيخ رشيد جي وگ لاهي کڻي ايندڙ کي 50 هزار رپين جو انعام ڏيندس.

وزيراعظم جي خاص مددگار جو چوڻ هو ته مسجد نبوي صه ۾ مريم اورنگزيب، شازين بگٽي کي گاريون ڏنيون ويون، انهن سڀني ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ گھرجي، هي نواز شريف يا شهباز ناهي، مديني جي تقدس جي ڳالهه آهي، ان فعل ۾ شامل ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.