فرح گوگي ڪيتري طاقتور آهي؟ نجم سيٺي ٻڌائي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان فرح خان جو دفاع ڪرڻ تي تجزئي نگار نجم سيٺي جو ردعمل اچي ويو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي خيالن جو اظهار ڪندي نجم سيٺي چيو ته ”توهان فرح گوگي جي مقبوليت، طاقت ۽ اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته هن هڪ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم امت جي ليڊر کي پنهنجي ترجماني لاءِ رکيو آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح خان تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ ان خلاف نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن اڄ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو هو ته فرح خان بي ڏوهه آهي، ان خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي، ڇو ته هوءَ منهنجي گهرواري جي دوست آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.