پشاور: مفتي شهاب الدين پوپلزئي سڀاڻي عيد ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) مفتي شهباب الدين پوپلزئي شوال جو چنڊ نظر اچڻ ۽ سڀاڻي عيد جو اعلان ڪري ڇڏيو.

خيبر پختونخواهه صوبي جي تخت گاهه پشاور ۾ مفتي شهاب الدين پوپلزئي جي صدارت هيٺ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

مفتي پوپلزئي اعلان ڪوي ته شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، تنهن ڪري عيد الفطر سومر 2 مئي تي ملهائي ويندي.

واضح رهي ته مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ ۽ عيد 3 مئي تي ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.