بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڀيرو ٻيهر زور وٺي رهيو آهي ۽ شنگهائي ۾ هڪ ئي ڏينهن 38 فوتگيون سامهون آيون آهن.
چين جو اوڀر واپاري مرڪز شنگهائي اڄڪلهه ڪورونا سان سخت متاثر آهي، جتي هڪ ئي ڏينهن وائرس ۾ مبتلا 38 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
مقامي طبي اختيارين موجب ان کان هڪ ڏينهن اڳ وبائي بيماري سبب فوتين جو انگ اڃا به وڌيڪ 47 هو.
شهر ۾ ان ئي دوران 7084 نون ڪيسن جي به تصديق ٿي، جيڪو انگ هڪ ڏينهن اڳ 8932 هو.
واضح رهي ته ڪورنا جي نئين ۽ شديد لهر سبب شنگهائي ۾ ڪيترن ئي هفتن کان لاڪ ڊائون آهي.