ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو، عيد اڱاري تي ٿيندي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هاڻ عيدالفطر 3 مئي اڱاري تي ٿيندي.

عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو.

اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به هنڌ چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي وصول ناهي ٿي، ملڪ ۾ سڀاڻي 30هون روزو هوندو ۽ عيدالفطر 3 مئي اڱاري تي ٿيندي.

ان کان اڳ پنجاب ۽ سنڌ جي چنڊ ڏسڻي زونل ڪميٽين پڻ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو.

واضح رهي ته موسميات کاتي پڻ چيو هو ته ملڪ ۾ اڄ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن.

هوڏانهن افغانستان ۾ اڄ عيد ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت نار ملڪن ۾ سڀاڻي عيدالفطر ملهائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.