ڪوئيٽا ۾ ڪسٽم انٽيليجنس جي آفيس ۾ ڌماڪو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ايئرپورٽ روڊ تي ڪسٽم انٽيليجنس جي آفيس ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.

ڌماڪي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ عمارت ۾ باهه لڳي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز به واقعي واري هنڌ پهتي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو.

ڪسٽم آفيسر جي سيڪيورٽي گارڊ پوليس کي ٻڌايو ته 3 هٿياربند آفيس ۾ داخل ٿيا، جن عملي کي يرغمال بڻايو، هٿياربندن عملي جا هٿ ٻڌي ڇڏيا ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هٿياربند نڪرندي ئي ڪسٽم جي آفيس ۾ ڌماڪو ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.