عيد تي موسم تبديل ٿي ويندي، برسات جو به امڪان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي عيد جي موقعي تي ڪراچي کان خيبر تائين موسم جي تبديلي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو سلسلو اڄ ملڪ ۾ داخل ٿيندو، اڄ کان 3 مئي دوران لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب 2 کان 4 مئي دوران اسلام آباد ۽ لاهور سميت اپر پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.