ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي ڪچلاڪ ۾ هڪ عورت ۽ سندس 4 ٻارن کي تکي اوزار جي مدد سان قتل ڪيو ويو.
پوليس عورت ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مقتولن جا ڳلا تکي اوزار جي مدد سان ڪپيا ويا.
پوليس ٻڌايو ته قتل ڪيل ٻارن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون شامل آهن، جن جي عمر 5 کان 11 سالن جي وچ ۾ آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين قتل جا ڪارڻ سامهون ناهن اچي سگھيا پر واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.