اوگرا ايل پي جي اگهن ۾ لاٿ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي، جي قيمت ۾ 15 رپعا في ڪلو گھٽتائي ڪري ڇڏي.

اوگرا پاران جاري ڪيل گھٽتائي کانپوءِ ايل پي جي، جي في ڪلو قيمت 232 رپيا هوندي.

چيئرمين ايل پي جي ايسوسيئيشن عرفان کوکر جو چوڻ آهي ته ان جي فارمولي تي عمل ڪندي ايل پي جي جي هاڻوڪي سرڪاري قيمت ۾ 100 رپيا في ڪلو تائين گھٽتائي ڪري سگھجي ٿي.

عرفان کوکر موجب ايل پي جي پروڊيوسر بيس پرائس کي 40 هزار رپيا في ميٽرڪ ٽن تي فڪس ڪيو وڃي، ايل پي جي جي لوڪل پيداوار کي فوري طور وڌايو وڃي ته ان جي قيمت ۾ وڌيڪ گھٽتائي ٿي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.