7 ماڻهو مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، حياتيءَ کي خطرو آهي: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مسجد نبوي صه ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي مذمت ڪريان ٿو، حڪومت مو نکي ۽ عمران خان کي تحريڪ کان اڳ گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته راڻا ثناءُالله کي پٽو وڌو وڃي، هي گھرو ويڙهه ڪرائيندو، هي مون کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿو، منهنجي حياتي کي خطرو آهي، مان پنجن ايجنسين جي سربراهن کي خط لکي ڇڏيو آهي، مان درخواست ڏني آهي ته 7 ماڻهو مون  کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، مون کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار شهباز، نواز، حمزا ۽ راڻا ثناءُ الله سميت 7 ماڻهو هوندا.

هن چيو ته ن ليگ حڪومت ۾ ايندي ئي ٽي سئو نالا اي سي ايل مان ڪڍيا، عدليا انصاف ڪري، سمورو بار عدليا تي اچڻ لڳو آهي، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، انهن هر ان ماڻهو کي ٽرانسفر ڪيو، جنهن انهن جي انويسٽيگيشن ڪئي.

سندس موجب مان چوندو هئس ته ن مان ش نڪرندي، هن وقت ش جي حڪومت آهي، مان پهرين به چيو هو مئي جو مهينو خطرناڪ هوندو، آصف زرداري چاهي پيو پنجاب ۾ گند ٿئي ته ٿي ويو، هي اسان کي سليڪٽڊ چوندا هئا اڄ اسان انهن کي امپورٽڊ چئون ٿا.

شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف 14 ڀيرا فوج جا جوتا چَٽيا، راشد شفيق جي آزادي جي خيرات نه گھرنداسين، سٺو آهي هو 10، 15 ڏينهن اندر رهي، هي ان جي پهرين جيل آهي، مان ته رٽائرڊ ٿي رهيو هيس پر نالا لئي ۽ عمران خان جي ڪري اليڪشن وڙهندس.

هن چيو ته عمران خان کي يا شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.