پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ جي سمري صدر کي ٻيهر وصول

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي گورنر پنجاب کي هٽائڻ جي سمري ٻيهر ايوان صدر ۾ ملي وئي آهي.

ذريعن موجب آئين تحت صدر جيڪڏهن نٿو هٽائي ته 10 ڏينهن ۾ گورنر پنجاب پاڻ ئي فارغ ٿي ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم گڏوگڏ ئي نئين گورنر جي لاءِ نالا به صدر کي حوالي ڪندو.

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پنجاب جي گورنرشپ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملڻ جو امڪان آهي.

ٻئي پاسي گورنر عمر سرفراز چيما هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو حمزا شهباز جي ڪابينا کان حلف نه وٺندو.

گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما موجب غير قانوني ڪابينا کان ڪيئن حلف وٺي سگھان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.