جيڪولين فرنانڊز خلاف قانون جو گهيرو تنگ، ڪروڙين رپين جا اثاثا ضبط

 

ممبئي  (ويب ڊيسڪ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڀارتي اداڪارا جيڪولين فرنانڊز جا ست ڏهائي 12 ڪروڙ رپين جا اثاثا ضبط ڪيا ويا آهن.

ڀارتي واپاري سڪيشن چندرا شيکر خلاف مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ اداڪارا جيڪولين فرنانڊز کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس اثاثا ضبط ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب ڀارتي اداڪارا جيڪولين فرنانڊز سڪيشن چندر جي ويجهي سمجهي وڃي ٿي ۽ ويجهن لاڳاپن جي ڪري اداڪارا کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو.

ذريعن موجب جوابدار دوستي دوران اداڪارا تي مهربان هو ۽ گهڻا پيسا خرچ ڪيائين.

ڀارتي واپاري اداڪارا کي سون ۽ هيرن جا زيور به تحفي ۾ ڏنا هئا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ طرفان اداڪارا جي ضبط ڪيل ڪروڙين رپين جي اثاثن جو واسطو به مني لانڊرنگ سان واڳيل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ اهو قدم کنيو آهي.

ياد رهي ته جيڪولين فرنانڊز گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سڪيشن چندرا خلاف 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نشاني تي آهي.

ان کان اڳ جيڪولين کي جاچ لاءِ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو هو ۽ مهانگن تحفن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.