ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي ۾ ڌوڙ مٽيءَ سان گڏ هوائون گهلنديون.
موسميات کاتي موجب ڪراچي جي موسم گرم رهندي ۽ پارو 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ان حوالي سان الرٽ به جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ عوام کي ڌوڙ مٽيءَ جي هوائن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي مٽيءَ جي طوفان جو امڪان آهي، جڏهن ته حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، ٺٽي ۽ بدين ۾ به مٽيءَ سان گڏ هوائون گهلنديون.