شيخ رشيد جو ڀائٽيو گرفتار، هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

 

اسلام آباد (ويب ديسڪ) تحريڪ انصاف ايم اين اي ۽ شيخ رشيد جي ڀائٽي راشد شفيق جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو.

ايم اين اي شيخ راشد شفيق کي پوليس سخت سيڪيورٽي ۾ ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي سول جج مشتاق حسين جنجوعه هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو.

واضح رهي ته شيخ رشيد جي ڀائٽي شيخ راشد شفيق کي سعودي عرب مان واپسي تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو.

هن مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي خوشي جو اظهار ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.