چين ۾ ڊرائيور بنا ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ اڪثر منصوبا حيرت جوڳا هوندا آهن ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اتي انوکي منصوبي تحت ڊرائيور کان سواءِ هلندڙ ٽيڪسي شروع ٿيڻ واري آهي.

چين جي ڪمپني بائيڊو ۽ ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپ ڪمپني پوني ڊاٽ اي آءِ بيجنگ ۾ اهڙي سروس هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي هلائڻ لاءِ انسانن جي ضرورت نه پوندي، اهي گاڏيون ڊرائيور کانسواءِ هلنديون.

روبو ٽيڪسي رائيڊ شيئرنگ سروس لاءِ ٻنهي ڪمپنين کي حڪومت کان اجازت به ملي وئي آهي، جنهن تحت گاڏي کي هلائڻ لاءِ ڪنهن ڊرائيور جي ضرورت نه پوندي.

ياد رهي ته اهي ٻئي ڪمپنيون ڀائيواري سان نه پر ڌار ڌار ڪم ڪري رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.