پ پ پنجاب ۾ گهڻيون وزارتون وٺندي؟ مطالبو سامهون اچي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ پنجاب ۾ گورنر ۽ سينيئر منسٽر شپ سميت 3 وزارتون گهري ورتيون.

ذريعن موجب پنجاب ۾ حڪومت سازي جي معاملن تي پ پ پاور شيئرنگ لاءِ پنهنجون تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن، پ پ جلد اتحادي ليڊر شپ سان پاور شيئرنگ کي حتمي شڪل ڏيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۾ سينيئر منسٽر شپ سميت 3 وزارتون گهريون آهن، پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ جو نالو سينيئر منسٽر لاءِ تجويز ڪيو پيو وڃي، مخدوم عثمان ۽ علي حيدر گيلاني لاءِ فنانس ۽ زراعت کاتي جي وزارت جي ڊمانڊ آهي.

ذريعن موجب پ پ پنجاب جي گورنر شپ جو مطالبو به ڪيو آهي ۽ ان لاءِ مخدوم احمد محمود جو نالو تجويز ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ مواصلات واري وزارت، هڪ صلاحڪار، هڪ خاص مددگار ۽ هڪ پارلياماني سيڪريٽري جو عهدو به وٺڻ چاهي ٿي، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جلد ليگي قيادت سان ان معاملي تي حتمي مشاورت ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.