”مديني شريف واقعي جو الزام اسان تي هڻڻ بي وقوفي آهي، انهن سان هر هنڌ ائين ٿيندو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ان کان بي وقوفاڻو ڪيس ڇا ٿو ٿي سگهي ته مديني شريف ۾ ڪا حرڪت ٿئي ۽ ايندڙ ڏينهن مهم هلائي وڃي ته اهو سڀ اسان ڪرايو، چئلينج ٿو ڪيان ته اهي عوام ۾ ڪٿي به ويندا انهن سان ائين ئي ٿيندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته آمريڪا تائين ماڻهو انهن جي خلاف نڪتا آهن، انهن کي اندازو ناهي ته عوام ۾ ڪيتري ڪاوڙ آهي، مديني شريف ۾ پيش آيل واقعي تي اسان تي الزام هڻي رهيا آهن، ڪير سوچي به نٿو سگهي ته ائين ڪري، انهن کي پنهنجي چورين تي عوامي ردعمل ملي رهيو آهي.

هن چيو ته شيخ رشيد جي ڀائٽي کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ کان وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي پر اهي اهڙي قسم جا ئي ماڻهو آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فرح خان بي ڏوهه آهي، ان خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي، ڇو ته هوءَ منهنجي گهرواري جي دوست آهي.

عمران خان چيو ته شريف خاندان حڪومت ۾ ايندي ئي پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون، پراسيڪيوٽر کي عدالت وڃڻ کان روڪيو ويو، رڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ ورتو ويو، اها 16 ارب رپين جا رڪارڊ گم ٿي ويندا، جيئن انهن جي دور ۾ ايل ڊي اي جا رڪارڊ سڙي ويا هئا.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ن ليگ ۽ پ پ وارا پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اين آر او ڏيندا، ٻئي ٻه – ٻه ڀيرا اقتدار ۾ رهيا، ٻنهي ڪرپشن ڪئي، 2008 کان 2018 تائين ٻنهي جماعتن جي حڪومت هئي، انهن ٻنهي جماعتن تي ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.