حمزه شهباز حلف کڻڻ بعد سڌو جهانگير ترين وٽ پهتو

لاهور (م ڊ) پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز جهانگير ترين جي گهر پهچي ويو جتي هن جهانگير ترين جي صحتيابي تي نيڪ خواهشن جو  اظهار ڪيو. حمزه شهباز سياسي تعاون ڪرڻ تي جهانگير ترين گروپ جو ٿورو ادا ڪيو، وڏي وزير حمزه شهباز ۽ جهانگير ترين وچ ۾ ملاقات دوران پنجاب ۾ حڪومت سازي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز ۽ جهانگير ترين وچ ۾ ملاقات دوران ترين گروپ جا اسيمبلي ميمبر به شريڪ هئا جڏهن ته(ن) ليگ طرفان عطاءُالله تارڙ ۽ اويس لغاري موجود هئا. ان موقعي تي حمزه شهباز سياسي تعاون تي جهانگير ترين گروپ جو ٿورو ادا ڪيو، هوڏانهن جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي ترين گروپ جو اجلاس ٿيو. لنڊن مان واپسي تي جهانگير ترين سان گروپ جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ترين گروپ جي اڳواڻن جهانگير ترين جي صحتيابي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ جهانگير ترين جو پٽ علي ترين به موجود هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.