پنجاب ۾ آئيني بحران اچي چڪو آهي: پرويز الاهي

لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب ۾ آئيني بحران اچي چڪو آهي، جيڪڏهن ن ليگ  وارا 28 ڏينهن انتظار ڪن ها ته آئيني بحران نه ٿئي ها، ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ خبر ڪا ٻي هوندي، وڏو وزارت جو اميدوار ته مان هئس، حمزا شهباز وڏو وزير ناهي، حمزا شهباز جي چوڻ تي مون تي تشدد ڪيو ويو جنهن سان مان بيهوش ٿي ويس، هن چيو ته وڏي وزير جي چونڊ تڪراري ناهي بلڪه اليڪشن ٿي ئي ناهي، اسيمبلي جي ڪارروائي کي روڪيو ويو، هن چيو ته گورنر وفاق جو نمائندو آهي، هن سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو ان تي صدر خاموش نه رهندو، هن چيو ته رات جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي گورنر هائوس تي قبضو ڪيو، اهو معاملو پاڻ ڏسندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.