لاهور(م ڊ) پنجاب جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن حمزا شهباز جي وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عثمان بوزدار کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته گورنر پاران عثمان بوزدار جي استيعفا رد ڪرڻ بعد بوزدار ڪالهه گورنر هائوس پهچي پنهنجي ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪئي هئي.