سموريون پارٽيون پورهيت تحريڪ منظم ڪرڻ لاءِ ساٿ ڏين: عبدالمالڪ بلوچ

تربت(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پهرين مئي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ پورهيتن ۽ انهن جي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پورهيتن جون حالتون انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهن، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪروڙين مزدورن کي انهن جو ناڪافي معاوضو به نٿو ملي جيڪو حڪومت پاران مقرر ڪيل آهي، هن چيو ته پورهيتن کان 8 بدران 12 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿوپر کين اجرت 8 ڪلاڪ واري به نٿي ملي جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي، هن چيو ته شڪاگو جي پورهيتن جنهن عظيم مقصد لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪيا اهي مقصد اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين پورا نه ٿي سگهيا آهن، ملڪ جو پورهيت طبقو اڄ به مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت جهڙن مسئلن جو شڪار آهي، هن چيو ته ملڪ جون سموريون جمهوري ۽ ترقي پسند سياسي جماعتون پورهيت تحريڪ کي منظم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پورهيت طبقي ۽ ٽريڊ يونينن جو ساٿ ڏين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.