وزير اعظم شهباز شريف سعودي دوري بعد دبئي پهچي ويو

 

وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن مدينه منوره کان جده پهچي ويو.

مڪه جي گورنر خالد بن فيصل السعود ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.

وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيام دورن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نفل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون.

 

 

وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

 

 

وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو.

 

 

سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان ملايو.

ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات تمام گهڻي سٺي رهي، اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين ۽ بلند ترين سطح تي وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون سندس بصيرت انگيز قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سعودي عرب پاران سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ ۽ سعودي عرب جي دوري دوران والهاڻي استقبال تي ان جو ٿورو ادا ڪيو.

شهباز شريف چيو ته اسان سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ نون رستن ۽ طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي جده کان دبئي روانو ٿي ويو آهي.

وزيراعظم جي يو اي اي جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ ابوظهبي جي ولي عهد الشيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.

وزير اعظم شهباز شريف جي دوري جون جهلڪيون :

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.