اڄ پورهيتن جو ڏهاڙو، شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(رپورٽر) شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ پهرين مئي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو ڏهاڙو  ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ تقريبون رٿيون ويون آهن، جڏهن ته ريليون به ڪڍيون وينديون، پورهيتن جو ڏهاڙو هر سال پهرئين مئي تي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي طور  ملهايو ويندو آهي. اِن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد آمريڪا جي شهر شڪاگو جي پورهيتن جي جاکوڙ کي ياد ڪري ڀيٽا ڏيڻ آهي، يوم مئي ڏينهن جي شروعات، 1886ع ۾، محنت ڪندڙ مزدورن پاران اَٺَ ڪلاڪَ ڪم جو وقت مقرر ڪرڻ جي مطالبو سان ٿي، جنهن ۾ واپاري اتحاد (ٽِريڊ يونين)، مزدورن جي تنظيمن ۽ ٻين سماجي ادارن (سوشلسٽ ادارن)، ڪارخانن ۾ هرڏينهن اَٺَ ڪَلاڪَ ڪَمُ  ڪرڻ جي مطالبو ڪيو، انهي ڏينهن، آمريڪا جي مزدورن مڪمل هڙتال ڪئي. 3 مئي تي انهيءَ سلسلي ۾ شڪاگو ۾ منعقد مزدورن جي احتجاجي جلسي تي حملو ٿيو، جنهن ۾ چار مزدور مارجي ويا. ان بربريت جي خلاف پورهيت احتجاجي مُظاهري جي لاءِ هائي مارڪيٽ چوُدَڳِيءَ تي احتجاج لاءِ گڏ ٿيا.  پوليس احتجاج کي روڪڻ لاءِ پورهيتن تي تشدد ڪيو، انهيءَ مهل بم ڌماڪي ۾ هڪ پوليس آفيسر مارجي ويو، ته پوليس پاران مظاهرو ڪندڙن تي گولين جو مِينهُن وسائي ڏِنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور ڪارڪن مَارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿيا، اِن موقعي تي، سرمائيدارن مزدورن اڳواڻن کي گرفتار ڪري انهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون، جنهن خلاف جدوجهد هلائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾، سڄي دنيا جي مزدورن اٺ ڪلاڪ ڪم جو وقت حاصل ڪيو. پر اڄڪلهه ڪجهه پورهيت تنظيمن پاران اٺ ڪلاڪ بدران چار ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو وقت رکڻ جي گُهر ڪئي وڃي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.