مئي جي آخري هفتي ۾ مارچ جو اعلان، نوجوان چنڊ رات به گڏ ٿين: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مئي جي آخري هفتي ۾ موجوده حڪومت خلاف مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو ۾ عمران خان چيو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي  تفصيلي غور ڪيو ويو ته اسلام آباد جو سڏ ڪڏهن ڏيڻو آهي ۽ ان جي نوعيت ڇا هوندي، هن چيو اسان فيصلو ڪيو آهي ته مئي جي آخري هفتي ۾ رڳو تحريڪ انصاف ڪارڪنن نه سڄي ملڪ کي سڏ ڏينداسين، اهو ان ڪري پيا ڪيون ته اسان جي ملڪ جي توهين ڪئي وئي، سندس چوڻ هو ته ٻاهرين سازش تحت ڪرپٽ ماڻهن کي ملڪ تي مڙهيو ويو، ڪابينا جا 60 سيڪڙو ماڻهو ضمانت تي آهن، پرائم منسٽر کي ڪرائم منسٽر ٿا چون، اها ملڪ جي توهين آهي، تنهن ڪري چاهيان ٿو ته هاڻ کان ئي تيار ڪيو ۽ اسان جي تياري جي شروعات چنڊ رات کان ٿيندي، عمران خان چيو ته مان نوجوانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته توهان کي جهنڊا کڻي چنڊ رات نڪرڻو آهي ۽ سڄي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته پاڪستان هڪ زندهه قوم آهي، ان کانپوءِ اسان جي سڄي تياري اسلام آباد مارچ جي ٿيندي، تحريڪ انصاف چيئرمين چيو منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو هجوم گڏ ٿيندو، عوام جو سمنڊ اسلام آباد ايندو، جيڪو ٻڌائيندو ته اڄ کانپوءِ ڪو ٻاهريون ملڪ اسان مٿان ڪرپٽ ٽولي کي نه مڙهيندو، پاڪستان جو فيصلو پاڪستان جو عوام ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.