2 مئي تائين سنڌ صوبو هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ رهندو، شهري احتياط ڪن: اطلاعات وارو وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ هيٽ ويو الرٽ کي نظر ۾ رکندي شهرين کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته 2 مئي تائين سنڌ صوبو هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ رهندو، تنهنڪري شهري غيرضروري ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن، خاص ڪري بزرگ شهرين ۽ ٻارن جو خيال رکيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن ضلعن جي انتظاميا کي ضروري اپائن کي يقيني بڻائڻ  ۽ اسپتالن، صحت مرڪزن ۾ هيٽ ويو کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ خصوصي وارڊز مختص ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسڪولن جي انتظاميا ننڍن ٻارڙن کي هيٽ اسٽروڪ کان محفوظ رکڻ جا ضروري انتظام ڪن. هن چيو ته هيٽ اسٽروڪ کان بچڻ لاءِ شهري وڌ کان وڌ پاڻي واپرائين ۽ ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ آلي ڪپڙي سان پنهنجو مٿو ڍڪين. شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا کي اپيل ڪئي ته  عوام ۾ هيٽ ويو ۽ هيٽ اسٽروڪ بابت آگاهي لاءِ خصوصي پيغام نشر ڪن

  • بلوچستان ۾ مڪاني چونڊ: اعتراضن تي ٽربيونل فيصلا جاري

اسلام آباد (م ڊ ) بلوچستان ۾ مقامي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڪاغذ نامزدگي  ريٽرنگ آفيسرن جي فيصلن خلاف لاڳاپيل ٽريبونل ۾ فيصلي جو عمل جاري  آهي . اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول موجب 6 مئي تائين لاڳاپيل ٽريبونل اپيلن تي  فيصلو ڪندو . 7 مئي تي اميدوارن جي نظر ثاني ٿيل لسٽون جاري ڪيون وينديون . شيڊول موجب 10 مئي تي اميدوارن کي چونڊ نشان ڏنا ويندا ، 29 مئي تي بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ مقامي چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي .

  • صدر عارف علوي جي پٽ اواب علوي پي ٽي آءِ ۾ اهم عهدو ملي ويو

ڪراچي (م ڊ) صدر عارف علوي جي پٽ اواب علوي کي تحريڪ انصاف ۾ اهم عهدو ملي ويو، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اواب علوي پارٽي جو نوٽيفڪيشن شيئر ڪيو، جنهن ۾ کيس پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جو نائب صدر بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اواب علوي لکيو ته اهو ٻڌائڻ دلچسپ آهي ته مان باضابطا طور پي ٽي آءِ جوائن ڪري ورتي آهي، هي وقت اٿي بيهڻ جو آهي ته جيئن عمران خان سان گڏ ڳڻيا وڃون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.