قاسم سوري بڻجڻ کان عثمان بوزدار جو انڪار

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار آخر ڪار قاسم سوري بڻجڻ کان عمران خان کي جواب ڏئي ڇڏيو، نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته عدالت جي حڪم تي جڏهن حمزا شهباز کان وڏ وزارت جو حلف کڻائڻ جا انتظام ٿي رهيا هئا ته عثمان بوزدار صبح جو  اٽڪل 9 وڳي پنجاب اسيمبلي ۾ عمران خان جي چوڻ تي صوبائي ڪابينا  جو اجلاس سڏائي ورتو،  ان دوران بني گالا مان ڪجهه ماڻهو فائيل کڻي عثمان بوزدار وٽ پهتا ۽ فائيل ان جي حوالي ڪيا، جنهن ۾ هڪ سمري هئي جيڪا اسيمبلي ٽوڙڻ بابت هئي، عثمان بوزدار  کي چيو ويو ته جلدي صحيح ڪري گورنر کي اماڻيو ته حمزا شهباز جي حلف کڻڻ کان اڳ ئي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، پر عثمان بوزدار هڪدم اجلاس ختم ڪري سمري وارو فائيل ساڻ کڻي گهر روانو ٿيو ۽ قاسم سوري بڻجڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، حيرت جي ڳالهه ته عثمان بوزدار اسيمبلي مان گهر وڃڻ لاءِ نڪتو ته سيڪيورٽي غائب هئي ۽ بنا پروٽوڪول عثمان بوزدار پنهنجي رهائش تي پهتو، سمري کڻي ايندڙ ڪاوڙِ ۾ منهن ڀيلا ڪري بني گالا روانا ٿي ويا، سمري پٺيان اهو دليل هو ته ڇاڪاڻ ته بي اعتمادي جي رٿ جمع ٿيل نه آهي ان ڪري اسيمبلي ٽوڙڻ آسان آهي  پر عثمان بوزدار انڪار ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.