ڪراچي ۾ هندو ڪائونسل طرفان افطار پارٽي

گلشن اقبال (ن ع آ) ھندو ڪائونسل پاران مذھبي رواداري جي جذبي تحت  روزا افطار جو اھتمام ڪيو ويو ، ان حوالي عام نارائڻ منڌر  جي سامھون لائيٽ ھائوس تي دسترخوان سجايو ويو ، جتي مسلمان ، ھندو ، مسيع برادري سميت مختلف شھرين گڏجي روزو افطار ڪيو ، ان موقعي تي پاڪستان ھندو ڪائونسل جي باني راجا آسر مل چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آھي ، جن ھميشہ انسانيت جي خدمت امن ۽ پيار جو درس ڏنو آهي ، ھتي رھندڙ مسلمان توڙي هندو عيد ۽ ھولي گڏجي ملهائيندا آھن ، ۽ ڏک سک ۾شريڪ ھوندا آھين ، صدر گوپال کمواڻي چيو ته پاڪستان ھندو ڪائونسل انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي افطار پارٽي جو مقصد نفرتن کي گھٽائڻ ۽ مختلف مذھبين جي ماڻھن کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ آهي ، جنرل سيڪريٽري پرشوتم راماڻي چيو ته ملڪ ۾ رھندڙ اسين سب ھڪ  قوم آھيو ، مذھب جي بنياد تي نفرت جو خاتمو چاھيو ٿا ، ان موقعي تي ھندو ڪائونسل جي چيف ڪو آرڊينيٽر ڪرشن ساگر چيو ت  هر مذهب محبت جو درس ڏئي ٿو . افطار جو مقصد محبتون ونڊڻ آهي۔  شريمتي ڪنول ۽ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.