اوٽاوا (اي پي پي) ڪيناڊا جي شهر ڪنگسٽن ۾ رائل ملٽري ڪاليج جي احاطي ۾ هڪ گاڏي جي حادثي ۾ چار ڪينيڊين فوجي ڪيڊٽس اجل جو شڪار ٿي ويا. چيني خابرو اداري مطابق مقامي ميڊيا رپورٽ ڪيو ته رائل ملٽري ڪاليج جي ميدان ۾ هڪ گاڏي جي حادثي ۾ چار ڪينيڊين فوجي ڪيڊٽس اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ قومي دفاع کاتي (ڊي اينڊ ڊي) پيش آيل ان واقعي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪينيڊين قومي دفاع واري کاتي جاري هڪ بيان ۾ چيو ته ڪينيڊين فورسز نيشنل انويسٽيگيشن سروس هن وقت ڪنگسٽن پوليس جي مدد سان جاچ ڪري رهي آهي.
-
مسجد اقصيٰ ۾ فلسطينين ۽ اسرائيلي پوليس وچ۾ چڪريون: 42 ماڻهو زخمي
يروشلم (اي پي پي) بيت المقدس ۾ مسجد اقصيٰ جي احاطي ۾ اسرائيلي پوليس ۽ فليسطينين وچ۾ چڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 42 ماڻهو زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي پوليس ۽ فلسطينين وچ۾۾ ٿيل چڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ 42 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا جن مان 22 کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، اکين ڏٺن شاهدن ۽ پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ڳوڙها گئيس ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪيو، پوليس ٽن ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي.