اسلام ڪوٽ پوليس ڳوٺاڻي کي منشيات ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ پوليس جو ڪارنامو،مال پڙي مان چوري جي الزام هيٺ پڪڙيل ڳوٺاڻو منشيات جي ڪيس ۾ چالان،خبر موجب:اسلام ڪوٽ پوليس جو حيرت انگيز ڪارنامو سامهون آيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ پوليس پاران مصري ولد جمعون ڀيل گذريل خميس تي مال پڙي ۾ چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو،پوليس ساڳئي جوابدار کي منشيات سفينا پُڙيون هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي،پوليس جي اهڙي ڪارنامي تي شهرين حيران ۽ پريشان رهجي ويا آهن،رابطي تي ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ ٻُڌايو ته مال پڙي مان گرفتار ڪيل نوجوان بابت مونکي ڪا خبر ناهي،هن کي سفينا پُڙين واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.