رڪن ٻرڙا ۾ نوابشاهه پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

رڪن ٻرڙا (ن ع آ) ايس ٽي پي جي  مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ۽ نوابشاھ جي اڳواڻن جي گرفتارين خلاف ايس ٽي پي سنجهورو پاران رڪن  ٻرڙا پريس ڪلب آڏو ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ جعفر سنڌي. احسان شر. مختيار لغاري. جان محمد ابڙو. نظير سولنگي. ڊاڪٽر روشن. ربنواز ٻرڙو. محمد خان سهتو. جهامن ڪڇي. اظھار لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاھري دوران ايس ايس پي نوابشاھ ھٽايو نوابشاھ جو امن بچائڻ سان گڏ نثار ڪيريو سميت ٻين تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيو جا نعرا ھنيا ويا. اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوابشاهه ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آواز اٿارڻ تي ايس ايس پي نوابشاھ سعود مگسي اسان جي مرڪزي اڳواڻن نثار ڪيريو ۽ ٻين تي دهشتگردي. چورين ۽ ڦرن جا هٿ ٺوڪيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن. چيف جسٽس. آءِ جي سنڌ سميت ھن احتجاج ذريعي مطالبو ڪيون ٿا ايس ايس پي نوابشاھ سعود مگسي ۽ ايس ايڇ او ثناءالله پنهور کي فوري طور تي برطرف ڪري اڳواڻن خلاف داخل ڪوڙي ڪيسن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي . ۽ نوابشاھ سميت سڄي سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.