بيڪن هائوس گروپ 4 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ڪئي

اسلام آباد (اي پي پي) بيڪن هائوس گروپ چار هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ڪئي آهي. پاڪستان ۾ خانگي  تعليمي ادارن جي وڏي نيٽ ورڪ بيڪن هائوس گروپ طرفان شمسي توانائي کي استعمال ۾ آڻي 4 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ڪئي وئي. بيڪن هائوس گروپ جي اداري بيڪن انرجي لميٽڊ ( بي اي ايل) جي اختيارين چيو آهي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ 40 مختلف تعليمي ادارن لاءِ شمسي توانائي ذريعي بجلي حاصل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته بيڪن هائوس جي 26 تعليمي ادارن جي شاگردن غير تجديد جوڳي توانائي جي استعمال ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ريسرچ رپورٽ تيار جنهن جي بنياد تي تعليمي ادارن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته مختلف اسڪولز ۽ تعليمي ادارن ۾ شمسي پينلز لڳائڻ سبب گذريل ٻن سالن دوران 4459 ميگاواٽ بجلي جي بچت کي يقيني بڻايو ويو. هنن چيو تجديد جوڳي توانائي جو استعمال 52 وڻن جي وڻڪاري جي برابر آهي. بيڪن هائوس جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ۽ بي اي ايل جي سي اي او ناصر قصوري چيو ته بيڪن هائوس گروپ سماجي ذميوارين جو احساس ڪندڙ ادارو آهي ۽ اسان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ قدمن کي پهرين ترجيع ڏيون ٿا. هن چيو ته اسان روزاني جي بنياد تي ڪاربن خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي جي سلسلي ۾ جامع حڪمت عملي تحت قدمن لي يقيني بڻائي رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.