چمبڙ ۾ زرعي دوائن جي دڪان تي ڇاپو، ڪيس داخل

چمبڙ (ن ع آ) چمبڙ م ايگريڪلچر جي عملدارن جي نقلي ڀاڻ ء زرعي دوان وڪرو ڪندڙ دڪاندار مٿان چاپو نقلي دوائون ھٿ دڪاندار  مالڪ ء ملازم مٿان ڪيس داخل ان ڏس چمبڙ م ايگريڪلچر ٽنڊوالھيار جي ڊپٽي ڊاريڪٽر خالد راجپوت، ايڊشنل ڊپٽي ڊاريڪٽر زراعت لکي محمد بوزادر، اسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ آصف علي ڪورائي چمبڙ شھر نيا سويرا پيسٽي ساٽ فرٽيلائيزر جي دڪان تي چاپو ھڻي نقلي ڀاڻ ء دوائون ھٿ ڪري گدام ء دڪان کي سيل ڪري ڇڏيو آھي ان حوالي سان زراعت کاتي جي عملدارن جو چون ھو تہ عوامي شڪايتن تي اھڙي ڪاروائي آھي ھن ڊيلر خلاف اسان وٽ ڪافي شڪايتون مليون آھن زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊاريڪٽر خالد راجپوت چمبڙ ٿاڻي تي پھچي ٻن ڄڻن پسٽي ساٽ جي مالڪ، محمد ڪمبوہ، ملازم عمران لغاري مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي ڪيس م فريادي موقف اختيار ڪيو آھي تہ بغير لائنسس تي پيسٽي فرٽيلائيزر جي ڊيلر شپ ھلائي رھيو ھو جنھن م مدي خارج ء اڻ رجسٽرڊ دوائون ء ڀاڻ وڪرو ڪري رھيو ھو جنھن سبب اھڙي ڪارروائي ڪئي آھي ٻئي پاسي فرٽيلائيزر ايسشوسشن جي صدر، اسرار علي نوتڪاڻي تاجران جي صدر حاجي فيصل قريشي، جو چوڻ ھو تہ زراعت کاتي بااثر ماڻھن جي ونگار وھندي اتقامي ڪاررايون ڪرائي رھيو آھي . ھنن چيو تہ ڪجھ مھينا اڳ ھڪ بااثر ماڻھو جاويد نونڌائي زرعي ڀاڻ ء زرعي دوائون کڻي ويو ھو جنھن جي رقم گھرڻ تان بااثر شخص اثر اصوق ڏيکاريندي زراعت کاتي جي آفيسر ھٿان انتقامي ڪاروايون ڪرائي رھيو آھي ھنن زراعت کاتي جي اعلي عملدارن ء ڊي سي ٽنڊوالھيار کان مطالبو آھي تہ نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.